18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

ملڪ ۾ٿيندڙ عام چونڊون ۽ اصل مقابلا

علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ آمريت کان جمهوريت جو ڏهه سالن وارو سفر  خير ۽ خوبي سان مڪمل ٿي ويو آهي ، تمام گهڻي خوشي واري ڳالهه آهي ته  2008ع ۽ 2013ع ۾ ٿيل عام چونڊن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ قائم ٿيل ٻن چونڊيل حڪومتن جا  ٻه دور مڪمل ٿي ويا آهن۽ ملڪ ۾ ڪمزور جمهوريت ۽ اسرندڙ جمهوري نظام جي باوجود پهريون ڀيرو پنهنجا 10 سال مڪمل ڪيا آهن. اهڙي ريت ملڪ جي هن اسرندڙ جمهوري نظام جي نئين مرحلي ۾ سينيٽ آف پاڪستان جي اڌ ريٽائر ٿيندڙ ايوان جون 3 مارچ 2018ع ۾ چونڊون ٿيڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ ان بعد ڪجهه مهينن ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي  ٽئين دور ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي.

بيشڪ ! ملڪ ۾ آمريت کان جمهوريت جو ڏهه سالن وارو سفر  تمام گهڻو آزمائشن  وارو رهيو آهي، جنهن ۾   اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاء  واري سرڪار خلاف  محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي سرواڻي ۾ جمهوريت پسندن طرفان هلايل هلچل ۽ وڪيلن ۽ سول سوسائٽي  واري  تحريڪ جي سوڀ جي نتيجي ۾ جمهوريت بحال ٿي. اهو پڻ ڏسڻ ۾ ايندو رهيو ته ظاهري طور تي اقتدار ۾ ته چونڊيل حڪومتون رهيون پر  اصل حڪمران ڪير هئا. اهي اهڙا سوال ۽ ڳجهه آهن جيڪي ڪنهن کان به لڪل نه آهن. پر تنهن هوندي به انهن حڪومتن  ۽ انهن جي حاصلات کي ٿلهي ليکي گهڻين ڪاميابين ۽ ڪيترين ئي قومي ناڪامين  وارا دور قرار ڏئي سگهجي ٿو.

ملڪ جي ٻنهي وفاقي يا  ملڪ گير جماعتن پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن)  جي پوري مدت مڪمل ٿيڻ  تي  انهن حڪومتن جي ڪارڪردگي ۽ کين لاڳو سياسي بحرانن ۽ ٻين للڪارن  کي منهن ڏيڻ ۽ عوام سان ڪيل واعدن تي ثابت قدم رهڻ ۽ عوام سان ڪيل واعدا ۽ وچن نڀائڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ يا نه ٿيڻ اهڙا معاملا آهن، جن جو ايندڙ عام چونڊن ۾ عوام طرفان ضرور پڇاڻو ٿيڻو آهي. اڄ وري ملڪ ۾ عام چونڊن جون تياريون ٿي رهيون آهن ۽ مختلف وفاقي يا مرڪزيت واري سياست ڪندڙ ملڪ گير جماعتون ۽ مختلف صوبن اجاگر يا مقبول جماعتون پنهنجا چونڊ پروگرام عوام کي پيش ڪري رهيون آهن.

ملڪ ۾ چونڊيل حڪومتن جي گذريل ٻن دورن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي واري حڪومت جي دور جو گهڻو حصو جنرل مشرف واري آمريت جا ملڪ ۽ وطن کي لڳل داغ صاف ڪرڻ،  1973ع  واري آئين  جي اصل شڪل ۾ بحالي، صوبائي خودمختياري ۽ صوبن جي حقن جا معاملا نبيرڻ، ملڪ جي اعلي عدالتن جي تمام گهڻي سرگرم ڪردار ۽ پاڻمرادو ورتل نوٽيسن ۽ پڇاڻن بابت پيشين ۽ حاضرين کي يقيني بنائڻ ۽ مختلف نوعيت جي ڪيسن کي ڀوڳڻ ، آزاد ميڊيا جي شعلا بيانين ۽۽ سول سوسائٽي پاران اٿاريل سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ مصروف رهڻ جي باوجود حڪومت جي آخري سال  ۾ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي ملڪ جي صدر آصف زرداري خلاف سوئيٽزرلينڊ جي عدالت کي خط نه لکڻ  جي هڪ آئيني معاملي تي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي حڪم تي ڏنل ٻيو ڀيرو سزا تحت 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏيڻ تي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو ۽ باقي مدت لاءِ حڪمران جماعت پيپلز پارٽي  طرفان ٻئي وزير اعظم راجا پرويز اشرف طرفان مدو پورو ڪيو ويو.

ملڪ ۾ گذريل عام چونڊن ۾ هڪ ٽئين ملڪ گير سياسي جماعت تحريڪ انصاف حيرت انگيز طور تي ملڪ مان لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ کن ووٽ کنيا پر ان جي حڪومت صرف خيبر پختونخواهه ۾ ئي ٺهي سگهي ۽ قومي اسمبلي ۾ سندس نمبر پيپلز پارٽي بعد يعني ٽئين نمبر تي اچي سگهيو ۽  گذريل پنج سالن ۾ تحريڪ انصاف جي مقبوليت ۾ هر صوبي ۾ گهٽتائي ريڪارڊ ڪئي وئي آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ٽن ميمبرن مان هڪ تحريڪ انصاف ڇڏي ويو ۽ خيبر پختونخواهه ۾پڻ ڪيترائي قومي ۽ صوبائي اسمبلي جا ميمبر باغي ٿي ويا آهن .

ملڪ تي حڪمران  مسلم ليگ (نواز) 2013 ع ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ وفاق، پنجاب ۽ بلوچستان  ۽ ان کان علاوهه آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان علائقن ۾ پنهنجي حڪمراني جا پنج سال پورا ڪري رهي آهي ۽ جنهن کي قومي اسمبلي ۾ پڻ تمام وڏي اڪثريت حاصل رهي، غير معمولي اختيارن ۽ بيورو ڪريسي سميت هر شعبي ۾پڻ مليل سرسي جي باوجود ملڪ ۽ عوام جو ڇا حال ٿيو آهي؟.    خاص طور تي ملڪ جي وفاقي نظام تحت ننڍن صوبن جي حقن جي حاصلات ٿي يا نه اهي تمام گهڻا حساس معاملا ٿي اڀريا آهن. صوبن  ۽ ملڪ جي عوام کي مسلم ليگ (ن) واري هلندڙ حڪومت جي دور ۾ اهي تجربا ضرور ٿيا آهن ته سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب جي اڪثريتي آبادي ۽ ان جي سرائيڪي آبادي واري خطي ڏکڻ پنجاب جي عوام ۽ قومن جا مسئلا  ۽ انهن جي حقن جي محرومي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ۽ هن دور ۾ صوبن جي مالياتي حقن يعني  اين ايف سي ايوارڊ تي بندش ، قومي ٻولين جي بل کي منظور ٿيڻ کان روڪڻ ۽ ملڪ جي آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪرڻ ۽ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ۽ پرڏيهي وزير چئن سالن تائين مقرر ئي نه ڪرڻ يعني ملڪ جا دنيا سان هرقسم جا لاڳاپا معطل يا مفلوج رهڻ جا پڻ ملڪ جي سياسي ۽ ڪاروباري لاڳاپن تي سڌا اثر پيا آهن ۽ دنيا ۾ اسانجي ملڪ بابت مخالف رويا وڌي رهيا آهن ۽ ملڪ جي سرحدن تي پڻ خطرا وڌي ويا آهن.

حڪمران جماعت جي سربراهه ۽ نااهل ٿيل وزير اعظم ميان نواز شريف، مريم نواز ۽ وفاقي حڪومت جي وزيرن طرفان عدالتن جي توهين ڪرڻ سان گڏوگڏ  ملڪ  جي ادارن سان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ جلسن ذريعي عام بغاوت لاءِ ميدان تيار ڪرڻ سبب ملڪ ۾ تمام گهڻي ڳڻتي واري صورتحال ۽ وفاق کي تمام گهڻا خطرا لاڳو ٿي پيا آهن.  اهڙي ريت حڪمران مسلم ليگ (ن) کي پڻ تمام گهڻا نقصان ٿيا آهن جو پارٽي جوسربراهه ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف سپريم ڪورٽ طرفان پاناما ۽ اقاما ڪرپشن ڪيسن ۾ نااهل ٿي ويو ۽ ٻئي پاسي نواز ليگ جي بلوچستان ۾ صوبائي حڪومت ۾ پڻ بغاوت ٿي وئي ۽ اتي مسلم ليگ (ن) جو ئي خاتمو ٿي ويو آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سڏ تي لاهور شهر واري تاريخي راڳ موچي گيٽ تي 5 فيبروري2018ع تي ڪشمير جي آزادي واري ڏينهن جي مناسبت سان  جلسو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ پنجابي، سنڌي، سرائيڪي، بلوچي،  پختون ۽ ڪشميري قومن جي هزارين جمهوريت پسندن جي شاندار ۽ پرجوش گڏيل شرڪت ڏسڻ ۾ آئي ۽ ان کان اڳ پيپلز پارٽي جي گولڊن جوبلي تي اسلام آباد  واري پريڊ گرائونڊ ۾تاريخي جلسو ٿيو  ۽ ان بعد ملتان ۾پڻ تمام وڏو جلسو ۽ پنجاب جي ٻين شهرن جن ۾ چنيوٽ ، فيصل آباد، اوڪاڙا ۾ٿيل  وڏا مظاهرا هاڻي ملڪ جي ٻين شهرن علائقن ۾ پڻ ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن.  جنهن سان اهو چئي سگهجي ٿو ته  2018ع واري ملڪ گير عام چونڊن ۾ اصل مقابلو  پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نواز ۽ تحريڪ انصاف ۾ ئي ٿيندو. آخر ڪار فيصلو  ته عوام کي ئي ڪرڻو آهي پر جيڪا حقيقت هاڻي نڪري نروار ٿي آهي تنهن ۾ هاڻي ڪي به لاڏلا ، دادلا، سفارشي يا ايمپائر جي آسري تي چونڊون وڙهندڙ هن ڀيري تاريخي شڪست کائي سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ حڪومت کي پنهنجي گهران لڳندي!؟

عبدالمجيد مغيري پي ٽي آءِ، عمران اسماعيل کي سنڌ جو گورنر نامزد ڪيو، هن صاحب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے