19 پیر , فروری 2018

سينيٽ جو تاريخي پسمنظر ۽ موجوده سياسي صورتحال

دوست  حفيظ چنا

سينيٽ پاڪستان پارليامينٽ ۾ اعلي قانون سازي وارو  چيمبر  جنهن کي ايوان يا وڏي ايوان طور تسليم ڪيو وڃي ٿو، سينيٽ ايوان پهريون ڀيرو 1973ع ۾ قائم ڪيو ويو، هن ايوان کي پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 59 تحت تشڪيل ڏنو ويو، 1973 جي آئين قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ تي ٻڌل هڪ گڏيل قانون سازي سان گڏ حڪومت جي پارلياماني شڪل پيش ڪئي، ان وقت سينيٽ جي رڪنيت 45 ميمبرن تي مشتمل هئي، جيڪا 1977 ۾ 63 ۽ 1985 ۾ 87 تي پهتي، 2002 ۾ مشرف دور ۾ ليگل فريم آرڊر  (ايل ايف او) تحت اهو تعداد 87 کان وڌائي 100 ڪيو ويو، جيڪو 21 آگسٽ 2002 تي ڪاعڳ ڪيو ويو، پيپلز پارٽي دوري حڪومت 2011 ۾ ارڙهين ترميم وسيلي سينيٽ جي رڪنيت 100 مان وڌائي 104 ڪئي وئي، چئني صوبن مان اقليت جو هڪ هڪ ميمبر منتخب ڪيو ويو ۽ پيپلز پارٽي ان قانون سازي سان اهو ڪريڊٽ حاصل ڪري ورتو ته پاڪستان جي اقليتن کي اهميت ڏيندي ايوان بالا ۾ شامل ڪرايو، تازو هڪ ٻيو قدم کنيو ۽ پهريون ڀيرو جنرل سيٽ تي ٿر جي پوئتي پيل علائقي جي هڪ اقليتي خاتون اميدوار کي منتخب ڪيو آهي،  2011 اڻويهين ترميم تحت سينيٽ ۾ 100 جو ايوان 104 تي پهتو،  چئني صوبن مان 14، 14 ميمبر جن جو تعداد 56 هوندو فاٽا مان 8، وفاقي دارالحڪومت اسلام آباد مان  2 ، اهي ٽوٽل 66 ميمبر جنرل سيٽن تي منتخب ٿيندا، جڏهن ته ٽيڪنوڪريٽس 17، خواتين 17 ۽ اقليتي  جا 4 ميمبر مخصوص سيٽن تي منتخب ٿيندا.

سينيٽ کي ايوان يا وڏو ايوان ان ڪري به چئجي ٿو جو سينيٽ کي ڪجهه اهڙا اختيار ڏنا ويا آهن، جيڪي قومي اسيمبلي وٽ ناهن مثلن قانون ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ پارلياماني بلن کي تيار ڪرڻ جو اختيار، سينيٽ چئني صوبن جي صوبائي اسيمبلين جو نمائينده ايوان آهي، جڏهن ته فاٽا سميت وفاقي دارالحڪومت اسلام آباد مان پڻ نمائيندا چونڊيا وڃن ٿا، سينيٽ ايوان ۾ هر سينيٽر جو مدو 6 سالن جو آهي پر ان جي ترتيب ڪجهه هن طرح آهي ته سينيٽ جو اڌ ايوان هر ٽن سالن بعد رٽائرڊ ٿئي ٿو، يعني سينيٽ چونڊون هر ٽن سالن بعد ٿين ٿيون ۽ ٽن سالن جي عرصي ۾ 6 سالن واري مدت پوري ڪرڻ وارو سينيٽر رٽائرڊ ڪري ٿو، هن ڀيري به 104 سينيٽرن جي ايوان مان اڌ يعني 52 سينيٽر رٽائرڊ ڪن پيا.

ڪافي عرصي کان ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال بهتر نه هئڻ ڪري سينيٽ چونڊون دير جو شڪار ٿيندي نظر پئي آيون، خبرون اهي به گردش ڪنديون رهيون ته شايد سينيٽ اليڪشن ملتوي ٿي وڃن پر چند ڏينهن پهريان اهڙا خدشات ختم ٿي ويا جڏهن سينيٽ چونڊن جو باضابطي  اعلان ڪيو ويو، ۽ چونڊن ٿيڻ جا امڪان  واضح ٿي ويا، ملڪ اندر هلندڙ سياسي سرد جنگ ته جاري آهي پر سينيٽ اليڪشن نه ٿيڻ يا دير جو شڪار ٿيڻ وارا خدشا ختم ٿي ويا آهن ۽ 3 مارچ تي چئني صوبن ۾ سينيٽ نمائينده چونڊڻ لاءِ ووٽنگ ٿيندي، سينيٽ چونڊن جو شيڊول پڌرو ڪيو ويو، 3 مارچ تي سينيٽ اليڪشن جي پولنگ جو ڏينهن هوندو، سياسي حلقن ۾ ايوان بلا ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ شروع ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن نهن چوٽي جو زور لڳائي رهيون آهن ٻئي طرف جوڙ توڙ جون خبرون به گردش ڪري رهيون آهن. سينيٽ ۾ بظاهر اڪثريت ته مسلم ليگ ن جي نظر پئي اچي، مسلم ليگ ن جا گهٽ يعني 27 مان 9 سينيٽر رٽائرڊ ٿين پيا ۽ ن وٽ 18 سينيٽر باقي رهندا، جڏهن ته پيپلز پارٽي جا وڌيڪ يعني 26 مان 18 سينيٽر رٽائرڊ ٿين پيا ۽ پ پ وٽ 8 سينيٽر باقي رهندا، پر ذريعن موجب سينيٽ اليڪشن جي خريد وڪري جي بازار به گرم آھي، جيئن ته آصف زرداري سياست جي ڳوٽ کيڏڻ ڄاڻي جنهن سان متوقع فيصلا ڪو ٻيو رخ اختيار ڪري سگهن ٿا.

ٻئي طرف 28 جولاءِ 2017ع تي ايوان مان نااهل ڪري ڪڍيل نواز شريف سياسي ميدان تي نه فقط بيٺو آ، پر مضبوطي سان بيٺو آ، جنهن ۾ سندس ڌي مريم نواز سميت سياسي ڪارڪنن ۽ ن ليگ رهنمائن جو وڏو انگ ساڻس گڏ بيٺو آهي، توڻي جو نوازشريف ۽ سندس ڀاءُ شھباز شريف وچ ۾ اختلافن به زور پڪڙيو، يا ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، ڀلي جو اهي اختلاف اڃان به موجود هجن پر هو ڀاءُ کي به گڏ کڻي هلڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھي. 28 جولاءِ جي عدالتي فيصلي بعد ائين ٿي لڳو ته نوازشريف سياسي ميدان تان غائب ٿي ويندو، ڪيترائي ڀيرا ملڪ کان ٻاهر وڃڻ بعد اهي افواھ  هليا ته نواز شريف واپس نه ايندو. پر هن وقت تائين ان جي ابتڙ ٿيو آھي، هو نه فقط واپس آيو آ بلڪه سخت مزاحمت واري سياست شروع ڪئي اٿائين، نوازشريف پنهنجي خلاف آيل فيصلي تي عدليا ۽ ڳجهين قوتن کي مسلسل للڪاريندو به رهيو آھي ۽ پنجاب سميت زرداري صاحب ۽ عمران خان جي ڳڙھ سنڌ ۽ ڪي پي ڪي ۾ وڏا جلسا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھي. ڳالهيون ته اهي به پئي هليون ته پنجاب مان ن ليگ جا 40 کان 50 رهنما  کيس الودع چئي ويندا پر اهي ڳالهيون ۽ اڳڪٿيون به اڏوريون رهيون سواءِ ھڪ ٻن ماڻھن جي پنجاب مان ن ليگ کي ڪنهن به الودع نه چيو آھي، هاڻي ڏسجي ته ميان نوازشريف سينيٽ چونڊن واري محاذ تي ڪهڙي حڪمت علمي ٿو اختيار ڪري.

 هوڏانهن غير محسوس انداز سان سينيٽ چونڊ کان اڳ زرداري صاحب جو پلڙو به ڀاري ٿيندي نظر  پيو اچي، ان جو هڪ ڊرامائي منظر بلوچستان ۾ نظر آيو ۽ ٻيو اهڙوئي ڊرامون ڪي پي ڪي ۾ ٿيڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آھن، جنهن نموني ڊرامائي تبديلي ٿيندي نظر اچن پيون، انهن سان ائين پيو لڳي ته سينيٽ چونڊن ۾ متوقع فيصلا نه ٿيندا، چونڊن کان اڳ ن ليگ جي اهم رهنمائن خلاف توهين عدالت جا ايندڙ فيصلا پڻ ان ڪڙي جو حصو سمجهي سگهجن ٿا، ان کان علاوه نيب ڪيس به آخري ۽ فيصلائتي مرحلي ۾ آھن ۽ سپريم ڪورٽ پاران ڏنل وقت يعني 6 مهينا پورا ٿي رهيا آهن، بهرحال غير محسوس انداز سان پيپلز پارٽي جا هڪ ڀيرو وري سينيٽ ۾ ڪاميابي جا چانس نظر اچن پيا يا ان کي ڪامياب ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ٻئي طرف نوازشريف جو ڄمي بيهڻ وارو عمل پيپلز پاٽي لاءِ ڪنهن خطري کان خالي ناهي تمام جلد احتساب عدالت طرفان نيب ڪيسن جي فيصلي بعد وڌيڪ صورتحال چٽي ٿي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏيرا شاهي جي ور چڙهيل سنڌ

سارنگ پيرزادو سنڌ ڌرتي  جيڪا هزارين  سالن کان پنهنجو وجود قائم رکيون پئي اچي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے