24 ہفتہ , فروری 2018

فضل سليمان قاضي: هڪ گهڻ پاسائين شخصيت

خالد حيات قاضي

جڏهن دوستن طرفان محترم فضل سليمان قاضي صاحب جي شخصيت  ۽ ڪارنامن متعلق بابت لکڻ لاءِ بار بار گهرُ ٿي ڪئي ته مون کي ترتيبوار حافظ شيرازي ۽ سرور علي سرور حيدرآبادي جون هيٺيون سٽون ياد آيون:

کنون که مست ضرابم صلائي بي ادبي است

ترجمو: هاڻي جڏهن مان مست ۽ بدحال آهيان ته بي ادبي جي صدا آهيان“

” ميخاني جي فريق کي هڪ عمر ٿي وئي

موٽي ملي جي هوش ته دنيا ڏسان وري“

سالن جا سال ڪجهه دفتري مصروفيتن پر گهڻي ڀاڱي پنهنجين ڪمين ۽ ڪوتاهين ڪري ادبي دنيا کان پاسيرو رهيو آهيان.

” سالها ايب مثنوي تاخير شبد“ (رومي )

ترجمو: ڪئين سال مثنوي ۾ تاخير پئجي وئي.

ان ڪري قاضي صاحب جي گهڻ رخي شخصيت تي لکڻ لاءِ منهنجي ذهن ۽ قلم ۾ گهربل رواني ناهي. بهرحال سنگت جي حڪم جي تعميل ” يوسف جي محبن ۾ نالو ڳڻائڻ لاءِ چند سٽون لکان ٿو، جنهن ۾ منهنجو رويو نقاد وارو نه پر اعتراف وارو هوندو.

محترم فضل سليمان قاضي صاحب جو تعلق موري جي آڳاٽي علمي خاندان قاضي (قريشي) فيملي سان آهي، جنهن صدين کان غير معمولي انسانن کي جنم ڏنو ، منهنجي ذهني اوسر ۾ والد بزرگوار عبدالوهاب قاضي عزيز کانپوءِ سينيئر سئوٽ انور احمد قاضي مرحوم جي ڪتب خاني ۽ صحبت جو اهم حصو آهي، جنهن کي آئون پير  و مرشد ليکيندو آهيان. جناب فضل سليمان قاضيءَ سان مختصر ملاقاتون ٿينديون رهيون پر سکڻ ۽ استفادي ڪرڻ جو مستقبل  ۽ ديرپا تعلق تڏهن قائم ٿيو، جڏهن آئون روزگار جي سلسلي ۾ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ آيس.

” جيئن پڻ پيس رات، ته هو ساهڙهو سهڻي “ ( لطيف)

انهيءَ تعلق دوران قاضي صاحب جي گوناگون شخصيت ۽ ذهانت جا نت نوان رخ سامهون ايندا رهيا ۽ اتساهه پيدا ڪندا رهيا.

فضل سليمان قاضي حيدرآباد ۾ پنهنجي شاگرديءَ واري زماني ۾ سنڌ جي نوجوان نسل کي ” سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ( SFS ) جي صورت ۾ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪيو ۽ تنظيمي شعور پيدا ڪيو. سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان اڳ ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي شاگردن جي ڪا تنظيم ضرور قائم ٿي پر ان جو دائرو محدود رهيو ۽ تسلسل پڻ قائم ٿي نه سگهيو. البته سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن کانپوءِ سنڌ شاگرد تحريڪ جو مستقل وهڪرو جاري ٿي ويو، جنهن مختلف رخ اختيار ڪيا. سنڌ اسٽوڊنٽس  فيڊريشن ۾ شامل قاضي صاحب جي ساٿين بعد ۾ سنڌ جي قومي اجتماعي زندگيءَ  ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. قاضي صاحب ان نسل جي ليڊر جو ڪردار ادا ڪيو ۽ پنهنجي غير معمولي صلاحيتن جي مڃتا حاصل ڪئي. آئون فيڊريسن جي موري واري شاخ جو ميمبر هئس، جنهن مرحوم مشتاق احمد قاضي جي قيادت ۾ ون يونٽ خلاف قرارداد پاس ڪيو. فيڊريشن جي ئي هڪ دعوت ۾ قاضي صاحب جو شهيد ذوالفقار ڀٽي سان تعلق قائم ٿيو ۽ صلاحيتن جو اعتراف مليو.

3  قاضي صاحب جو ذهني افق تمام وسيع آهي، جنهن ۾ علم ۽ ڏاهپ جا ڪئين گوشا سمائجي ٿا وڃن، جهڙوڪ لٽريچر، شاعري ماجيات، سياست، ثقافت، لطيفيات، بئنڪنگ، معاشيات، قانون، انهن شعبن جي مڃيل شخصيتن سندس صلاحيتن ۽ ڪاوشن جو اعتراف ڪيو آهي. مثال طور قاضي صاحب جي ڪتاب  law and politics in pakistan جو اعتراف ڪندي پاڪستان جي هڪ وڏي قانوندان چيو ته ” مون کي حيرت آهي ته هڪ اهڙو شخص جيڪو اڃا زندگي جي 30هن واري ڏهاڪي ۾ آهي،اهو اهڙي معيار جا مضمون لکي سگهيو آهي

(2) ” قاضي صاحب جي ڪتاب A Hand Book Of Finance and Banking terms  مهاڳ ۾ نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي تڏهوڪي صدر اظهار ڪيو ته آئون سفارش ڪندس ته هيءُ ڪتاب هر بينڪر جي ڊيسڪ تي هئڻ گهرجي.

(4) قاضي صاحب قانون تي لکيل ڪتاب Dissertationary powers  جو تعارف لکندي رٽائرڊ جسٽس حامد علي مرزا صاحب خيال ظاهر ڪيو ته ” هي ڪتاب پنهنجي موضوع تي حوالي طور ڪم آندو ويندو، ان کان علاوه پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام” واءُ سواءُ“ ۾ قاضي صاحب جي ڪارڪردگيءَ کي ٻين زبانن جي سڌ سماءَ جي پروگرامن  تي اوليت ڏني وئي ۽ ساراهيو ويو.

(5)قاضي صاحب کي تحرير ۽ تقرير تي هڪ جيترو عبور آهي، سندس ٽن انگريزي ڪتابن جو ذڪر اسان مٿي ڪيو آهي، ان کان علاوه سنڌيءَ ۾ سندن هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.

(1) صوبائي خودمختياري

(2) پاڪستان جو رياستي ڍانچو

سندس تقريرن ۽ ذاتي ليڪچررن بابت منير احمد قاضي چيو ته ” قاضي صاحب جو ليڪچر” سمنڊ جي چڙهندڙ وير وانگر هوندو آهي“

قاضي صاحب کي قدرت واري معجزاتي تخليقي ذهن عطا ڪيو آهي، جنهن ۾ اڃا ڪئين ڪتاب جمع آهن، جيڪي پنهنجي اظهار جي موقعي  جي ڳولا ۾ آهن، بار بار جي تجربي مطابق راقم جي راءِ آهي ته سندن دماغ برق رفتار سان ڪم ڪري ٿو نه ته سندن پنهنجو قلم سندس خيالن جي رفتار جو ساٿ ڏئي ٿو ۽ نه ڪو ٻيو شخص قلمبند ڪرڻ وارو.

ڳاليهون پيٽ ورن ۾، وڌي وڻ ٿيون،

ڪنهن سين مون نه ڪيون گوشي گڏ يا نه سپرين ( لطيف ) 

ضرورت آهي ته کائنس ڪم ورتو وڃي.

قاضي صاحب  پنهنجي دفتري مصروفيتن جو وڏو وقت نيشنل بينڪ آف پاڪستان ۾ گذاريو، نيشنل بينڪ M سندس ڊگهو ڪيريئر مسلسل جدوجهد ۽ چيلينج وارو رهيو، بينڪ جي اعليٰ انتظاميا ۾ غالب اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هئي، جيڪي ذهني طور تي قاضي صاحب جي ذهني سطح کان هيٺ هئا، انهن ڄامڙن انهيءَ فرق کي سازشن ذريعي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نتيجي طور سندس ڪيريئر ۾ ڪيترا لاها چاڙها آيا ۽ ڪيترا دفعا کين  To Start from the scratch  جي مرحلي مان گذرڻو  پيو ۽ پاڻ آڏو ٽڪر ٽر متان روهه رتيون ٿئين ( لطيف)

چوندا رهندا رهيا، ان صورتحال سندن غير معمولي عزم ۽ ارادي جو اظهار ڪيو. بهرحال پاڻ بينڪ جي بين الاقوامي ۽ مقامي نيٽ ورڪ ۾ نمايان پوزيشن ۾ رهيا ۽ مارو ماڻهن لاءِ مددگار ثابت ٿيا.

ضرورت آهي ته سندس صلاحيتن مان ڀرپور ڪم ورتو وڃي.

”متان پئي پوءِ، سارين سناسين کي“

(مخدوم نوح سرور رح)

هي به ڏسي سگهو ٿا

عاصمه جهانگير هميشه دلين ۾ زنده رهندي

تنوير زمان خان / لنڊن عاصمه جهانگير جي دل هن دنيا کان ڏور هلي وئي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے