20 سومر , آگسٽ 2018

عبدالحڪيم ارشد جو ڇڏيل تخليقي ۽ فڪري ورثو

گلزار ملاح

هن وقت انقلابي شاعري ته ڇا پر اپسرائن جي ذلفن کي ڪارين گهٽائن سان تشبيھه ڏيڻ بدران شاعر اهڙي شاعري تي لهي آيا آهن، جيڪا شاعري ڪوبه باذوق سخن شناس ماڻھو ٻڌڻ بجاءِ ھوٽلن ۽ ٽريڪٽرن جي ڳرن لائوڊن کي ڪن ڏئي اهي ماڻھو ٻڌن ٿا، جيڪي نه ڌرتي جي عشق کي سمجهي سگهيا آھن، نه ئي ڪنهن چلوليءَ جي چيچ کي پڪڙي يونيورسٽي جي روڊن تي هليا آھن، ائين ناهي ته مزاحمتي شاعري سرجي نٿي، اڄ به حليم باغيءَ ايوب کوسي تائين اهڙا ڪيترائي شاعر آھن، جيڪي ڌرتيءَ جي درد کي لکن ٿا، اهي شاعر جن جا گيت هتان جي سياسي ڪارڪنن جي چپن کي چُمي ڏئي نڙيء مان ڪنهن رُڃ ۾ رڙ جيان نڪرن ٿا، عبدالحڪيم ارشد جو شمار به اهڙن ئي شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جن جا گيت سياسي ڪارڪنن کي هر وقت گرمائيندا رهن ٿا،

سندس جنم 13 جون 1938ع ۾ تعلقي نوابشاھ جي لکمير ڳوٺ ۾ ٿيو، سندس ٻاروتڻ جي عمر ۾ ڪنهن به نه سوچيو هوندو، ته جڏھن ٻار سمجھ ڀريو ٿيندو تڏھن هو، شاعري جي صنف سان لائنون لهندو، سندس نظم توڻي غزل ۾ ڪٿي به اهڙي سٽ نٿي ملي جنهن سٽ ۾ ڪو لفظ به مايوسي ۾ ويڙھيل هجي، سندس جنم ان صديءَ جي اڌ ۾ ٿيو جيڪا صدي انگريزن جي خلاف بغاوت جي منادي کڻي آئي هئي،

هن جڏھن لکڻ جي عمر ۾ پير پاتو ته سنڌ ون يونٽ خلاف تحرڪ ۾ هُئي، ان ئي دور هن جي هٿ ۾ هڪ اهڙو قلم ڏنو جنهن قلم آخري وقت تائين حُسن ۽ سنڌ کي ئي لکيو، جڏھن هو جواني جي ڏاڪي تي پهتو ته سڄي سنڌ ضياءَ  واري آپي شاهيءَ جي نشاني تي هُئي، سنڌ اندر ماڻھوءَ جمهوريت جي بحالي ۽ ضياء جي آمريت خلاف جدوجهد ۾ هُئا،

هو عظيم شاعر هو ان کان به وڌيڪ عظيم ماڻھو هو هن جي رزق ورهائيندڙ رازق روزي به اهڙي شعبي ۾ لکي جنهن شعبي کي پيغمبري پيشي سان مشابهت ڏني وئي آھي، پاڻ 1964 کان 1998ع تائين بطور استاد جي سنڌ جي تعليم جي سينڌ سنواريندو رهيو،

عبدالحڪيم ارشد جو شمار جيڪڏهن تنهنجو عشق اتاهون سائين هر جابر جي ذات اڳيان، تنهنجو ڪنڌ جهڪڻ جو ناهي، ڪنهن به لات منات اڳيان، جهڙا خيال لکندڙ شاعر سان ڪجي ته وڌاءُ نه ٿيندو،

هو سونهن جو عاشق هو، هو هن صدي ۾ شاعرن اندر اهو هوشو شيدي هو جيڪو پنهنجي خيال ۽ شاعري کان هوشو شيدي جي تلوار جو ڪم وٺندو هو،

سندس شاعري ۾ رڳو ڪنهن چلولي چنچل ادائن واري ڇوريءَ جو ڪو نوجوان ڄار کڻي رستو تڪيندي بيٺل نظر نٿو اچي، پر سندس شاعري ۾  قافيو قافئي ساڻ ملاءِ، ڌرتيءَ سان ڪو نينهن نڀاء

جهڙيون سٽون به سياسي ڪارڪنن ۾ هڪ اهڙو روح ڦوڪين ٿيون جيڪو روح زندان جي بند خولين مان به نڪري ٿو اچي،  توڻي جو عبدالحڪيم ارشد زندگي جا پڇاڙڪا ڏينهن عمر جي ان حصي ۾ گذاريا، جنهن حصي ۾ نه ڪا سونهن پسبي آهي، نه ئي حُسن کي سجدا ڪباآھن، جنهن عمر ۾ ڪنڌ محراب ۾ جهڪائي جواني جي ڇڙواڳ ڏينهن جي غلطين تي توبهه تائب ٿبو آھي، عبدالحڪيم ارشد عمر جي 80 سالن جي پوڙھائپ ۾ به استاد بخاري جي شاعري جيان آخري وقت ۾ سنڌ جي تسبيح سوريندي عبادت ڪندو رهيو،  هو جيڪو سن جي سيد جي ڪچهرين جي ئي اثر ۾ تصوف جو پيروڪار ٿيو، هن سنڌ سان عشق جي انتها جي منزل به ان ئي سيد جي ڪچهرين مان ماڻي، هو زندگي جو مقصد ئي انسان جي خدمت ۽ ڀلائي کي سمجهندو هو،

خلائن مان مونکي آواز نه ڏي، 

مان ڪجھه ڌرتيءَ تي رهڻ ٿو گهران

اڙي موت! منهنجو آ مقصد عظيم، 

مان انسانيت لاء جيئڻ ٿو گهران،

هو جيڪو ڏسڻ ۾ ته جهور پوڙهو هو، پر سندس جذبا ان جرنيل جيان جوان هئا جيڪو ساهه جي آخري هڏڪي تائين به وطن جي حُدن جي رکواليءَ خاطر وڙھندو آهي،  هُن سچ لکيو ته ، ماڻھن ليکي ارشد صاحب، واٽ وڃائي ويٺو آهي، سچ به هُن آجپي جي اهڙي واٽ ورتي جنهن واٽ ته جڏھن ڪو پير ڌريندو آهي ته سدائين سچ کان خوف کائيندڙ ماڻھو انکي ڀُليل ئي ڪوٺيندو آهن، پر هن جيڪا واٽ ورتي ان واٽ تي سندس مزاحمتي شاعري جو پرچم کڻي ڪيترائي سياسي ڪارڪن، آجپي جي منزل ڏانهن پنڌ ڪري رهيا آھن.

هاڻي توڻي جو هو زندگي جا پساهه پورا ڪري سنڌ امڙ جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيو آهي، پر سندس ادبي پورهئي کي سنڌ سدائين پنهنجي هنئين سان هنڊائيندي،  پاڻ سنڌي ادب جي هنج ۾ پنهنجا، ً ڏيئا ڏات جا ً آجپي جي گيت جهڙي شاعري جا مجموعا ڏُنا،  پاڻ جسماني طور ته اسان کان سدائين وڇڙي ويو آهي، پر هو روحاني طور سدائين اسان جي وچ ۾  رهڻو آهي،

مان روح جي ٻولي ٻڌندو ها، 

هي روح مخاطب ٿيندو آ. 

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهيدن جي شهر جي تباهي جو ذميوار ڪير

 ڪامران چانڊيو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پنهنجو سينو تاڻين وڙهندڙ خيرپورناٿن شاهه جي نوجوانن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے