21 بدھ , فروری 2018

انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ هاڻ روڊن تي آياسين ته پوءِ قاتلن جو حشر دنيا ڏسندي: طاهر القادري

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ هاڻ روڊن تي آياسين ته پوءِ قاتلن جو حشر دنيا ڏسندي، ن ليگ جي ناهل صدر عدالتي فيصلن جو مذاق اڏايو، عدليه خلاف عوام کي گڏ ڪرڻ، ججن جي تذليل ۽ قومي سلامتي جي ادارن خلاف بدزباني جي جيڪا مهم شروع ڪري رکي ان کي وڌيڪ نظرانداز ڪيو ويو ته ان لاقانونيت جا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا، قانون دشمن اشرافيه پاڻ کي قانون کان مٿانهون ۽ معتبر سمجهي ٿي، ڇا ڪوڙ ۽ نااهل شخ پارليامينٽرينز ۽ عوامي نمائندن جي قيادت ۽ ڇا ڪير قانون ۽ آئين جي قلم کي غير موثر ڪري سگهي ٿو؟ تفصيل موجب عوامي تحريڪ جي وڪيلن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.  سندس چوڻ هو ته ماڊل ٽائون جي اشرافيه قاتل کي نه ڇڏبو، اهو بي گناهن جو رت آهي ان جو انصاف ٿي رهندو ۽ قاتل پنهنجي انجام تائين ضرور پهچندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ وارن کي ايوان ۾ نه هئڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزي مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے