23 اربع , مئي 2018

قاهره: دوا نه کائڻ تي جنوني پٽ پنهنجي ماءُ کي ذبح ڪري ڇڏيو

قاهره(ويب ڊيسڪ) مصر جي راڄڌاني نشي جي عادي هڪ شخص پنهنجي پيرسن ماءُ کي دوا نه کائڻ تي قتل ڪري ڇڏيو. مصري اختيارين موجب پوليس جوابدار کان جاچ ڪري رهي آهي. مصري اخبار موجب پوليس کي اطلاع مليو ته هڪ شخص پنهنجي ماءُ  کي انتهائي بيدردي سان گهٽو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. علائقي واسين پوليس جي اچڻ تئاين جوابدار کي فرار ٿيڻ جو موقعو ئي نه ڏنو. جوابدار کان شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو ته هو نشي جو عادي هو. سندس پيرسن ماءُ جيڪا ڪافي عرصي کان بيمار هئي ان پنهنجي تڪليف جي باري ۾ ٻڌايو جنهن تي جوابدار چيو ته هوءَ دوا کائي. جنهن تي والده چيو ته هوءَ دوا نٿي کائي سگهي. اهو ٻڌي سنگدل جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چاقوءَ سان پنهنجي والد کي ذبح ڪري ڇڏيو. جنوني شخص اتي ئي بس نه ڪئي پر پنهنجي ماءُ جي لاش تي انتهائي بيدردي سان چاقو جا وار ڪندو رهيو. عدالت جوابدار کي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي جاچ ادارن جي حوالي ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

There is no kingdom in the country, Prime Minister is not the owner of the state's property: Supreme Court

ملڪ ۾ بادشاهت ناهي، وزير اعظم رياست جي ملڪيت جو مالڪ ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي ته ملڪ ۾ بادشاهت ناهي، وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے