23 اربع , مئي 2018

انتظار قتل ڪيس: ماهه رخ جي پيءُ آمريڪا مان فون ڪري مون کي ڊيڄاريو: مقتول جو پيءُ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊفينس واري علائقي ۾ پوليس اهلڪارن هٿان قتل ٿيڻ بي گناهه انتظار جي والد چيو آهي ته ماهه رخ منهنجي پٽ سان پيار ڪندي هئي، ڇوڪري جي پيءُ آمريڪا مان فون ڪري مون کي ڊيڄاريو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، مقتول انتظار جي والد اشتياق احمد جو چوڻ هو ته ماهه رخ منهنجي پٽ سان گڏ اسڪول ۾ پڙهندي هئي ۽ هوءَ منهنجي پٽ کي پسند ڪندي هئي. هن چيو ته ماهه رخ جو پيءُ اپريل 2016ع کان آمريڪا ۾ ترسيل آهي جڏهن ته ماهه رخ جي پيءُ ڌمڪي ڏني هئي ته منهنجو ڀاءُ ڪراچي ۾ وڏي پوسٽ تي مقرر آهي، ماهه رخ اڳوڻي ايس ايس پي اي سي ايل سي مقدس حيدر جي ڀائٽي آهي. انتظار جي پيءُ جو چوڻ هو ته مون پنهنجي پٽ کي انهيءَ خوف کان ملائيشيا موڪليو هو، پٽ جي قتل جا ڪيترائي ثبوت ختم ڪيا ويا آهن، آئون چيف جسٽس ۽ آرمي چيف کي انصاف جي اپيل ٿو ڪيان. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته انصاف نه مليو ته سڄي خاندان سميت پريس ڪلب تي بک هڙتال ڪندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision of the PPP not to be presented for the next financial year

ڪي پي جو حڪومت ايندڙ مالي سال جو بجيٽ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپخونخواهه حڪومت ايندڙ مالي سال 19-2018 جو بجيٽ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے