15 اربع , آگسٽ 2018

اسحاق ڊار کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ملي وئي، حنا رباني کر به نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

اسلام آباد/لاهور(ويب ڊيسڪ) سينيٽ چونڊن لاءِ ن ليگي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي، پنجاب جي سينيٽ جي 12 سيٽن لاءِ نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرائڻ وارو سلسلو ٻئين ڏينهن به جاري رهيو، اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر جا نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. تفصيل موجب سينيٽ چونڊن لاءِ ن ليگ اميدوارن جا نالا فائنل ڪيا ويا، مفرور جوابدار اسحاق ڊار به ميدان ۾ موجود آهي، پيپلز پارٽي سنڌ جي سمورين سيٽن تي نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرايا. پنجاب مان مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ٻئين ڏينهن نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرايا، واحد اقليتي سيٽ لاءِ ڪامران مائيڪل ڪاغذ جمع ڪرايا. نيب کي گهربل ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير جا نامزدگي وارا ڪاغذ جنرل ۽ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ لاءِ جمع ڪرايا. ملڪ وحيد ايم پي اي مسلم ليگ ن پيپلز پارٽي به پنجاب مان سينيٽ جي سيٽ لاءِ، شهزاد نواب، شهزاد خان ٽيڪنوڪريٽ لاءِ، نوازش علي پيرزادا ۽ عورت سيٽن لاءِ اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

We live in protest, we will take the Punjab Assembly in a better way: Pervaiz elahi

احتجاج هلندا رهندا آهن، پنجاب اسيمبلي کي بهتر انداز ۾ هلائينداسين: پرويز الاهي

 لاهور(ويب ڊيسڪ) ق ليگ اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي نامزد اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے