16 خميس , آگسٽ 2018

حُسن جي مقابلي ۾ 4000 هزار ڇوڪرين کي پوئتي ڇڏيندڙ نوجوان

استانا(ويب ڊيسڪ) حسين ۽ پرڪشش نظر اچڻ لاءِ اڄ جون عورتون ميڪ اپ تي ڌيان ڏينديون آهن تنهن هوندي 22 سالن جي الي ديا گليو نالي نوجوان ڇوڪري عورتن جي حسن واري مقابلي ۾ حصو وٺي ان ڳالهه کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو. الي ديا گلو مقابلي ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ان وقت ڪيو جڏهن سندس دوستن وچ ۾ ان ڳالهه تي بحث ٿيو ته اڳي ڇوڪريون ميڪ اپ کان سواءِ بي حد دلڪش ۽ خوبصورت نظر اينديون هيون تنهن هوندي هاڻ ميڪ اپ ۽ فيشن جي ذريعي حسن حاصل ڪيو ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته ميڪ اپ ڪري مرد به ڪنهن خوبصورت عورت جيان خوبصورت لڳي سگهي ٿو ايستائين جو هو عورتن جو مقابلو به ڪري سگهي ٿو جنهن تي سندس دوست اختلاف ڪيو. اهو سبب هيو جو هن منفرد ڪاسميٽڪس ۽ ڊجيٽل ايڊيٽنگ فوٽو شاپ ايپس استعمال ڪندي پهرين پنهنجي تصوير ۾ ڇوڪري جو روپ اختيار ڪيو ۽ پنهنجو نالو ارينا اليوا رکيو جنهن کان پوءِ کيس قازقستان ۾ ٿيندڙ حسن جي مقابلي لاءِ چونڊيو ويو.  ان مقابلي ۾ هن ميڪ اپ جي ٽيڪنيڪ استعمال ڪندي مڪمل طور تي پنهنجو روپ تبديل ڪيو ۽ پوءِ سمورين عورت اميدوران سان گڏ شرڪت ڪئي. مس ورچوئل حسن واري مقابلي ۾ هو آخري مرحلي تائين ڪامياب ٿيندو رهيو تنهن هوندي فائنل کان هن هڪ ويڊيو پيغام جاري ڪري پاڻ ئي پنهنجو راز فاش ڪيو. هن ويڊيو ۾ انڪشاف ڪيو ته هو ڪا ڇوڪري نه الي ديا گلو نالي نوجوان ڇوڪرو آهي جيڪو اها ڳالهه ثابت ٿو ڪرڻ چاهي ته اصل خوبصورتي دل سان هوندي آهي ۽ ميڪ اپ ڪري ته ڪير به پنهنجي پاڻ کي تبديل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته آئون ڪنهن کي به ڌوکو نٿو ڏيڻ چاهيان تنهن هوندي سندس مقصد رڳو ايترو آهي ته ڇوڪرين اها ڳالهه قبولڻ گهرجي ته سندن قدرتي حسن ئي کين مردن کان منفرد رکي ٿو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي قازقستان جي ماڻهن تي حيرت ٿي آهي ته هو منهنجي ڪوڙي خوبصورتي کي پسند رهيا هيا جيڪا رڳو ميڪ اپ جي مدد سان حاصل ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ترڪيءَ جو آمريڪا تي جوابي وار، مختلف شين تي ٽيڪس ٻيڻو

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ اختيارين جوابي قدم کڻندي آمريڪي شين تي ٽيڪس ٻيڻو ڪري ڇڏيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے