21 بدھ , فروری 2018

عدالت مشال قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو: هڪ جوابدار کي موت ۽ 5 ڄڻن کي عمر قيد جي سزا

هريپور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت مشال خان قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي موت جي سزا، پنجن ڄڻن کي عمر قيد ۽ 26 ڄڻن کي قلم جو فائدو ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب مشال قتل ڪيس ۾ گرفتار 58 جوابدارن کي سينٽرل جيل هري پور ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج فضل سبحان جي سامهون پيش ڪيو ويو. اي ٽي سي جي جج فضل سبحان هڪ جوابدار کي موت جي سزا ۽ پنجن ڄڻن کي 25-25 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ان موقعي تي هري پور جي سيٽرل جيل ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي سخ انتظام ڪيا ويا ۽ جيل جي چوڌاري سيڪيورٽي لاءِ پاڪ فوج جا دستا مقرر ڪيا ويا. عدالت پنجن پنجن جوابدارن کي گهرائي سزا ٻڌائي رهي آهي. ڪل 58 جوابدارن مان 26 کي قلم جو فائدو ڏئي آزاد ڪري ويو آهي. واضح رهي ته  مردان جي عبدالولي خان يونيورسٽي ۾ گذريل سال 13 اپريل تي جنلزم جي 23 سالن جي شاگرد مشال خان کي مڇريل هجوم مذهب جي توهين جو الزام مڙهي قتل ڪري ڇڏيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ وارن کي ايوان ۾ نه هئڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزي مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے