21 بدھ , فروری 2018

انساني اسمگلنگ جي سزا 5 سال مقرر: سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي بل منظور ڪري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي انساني اسمگلنگ ۽ ان خلاف سزائون سخت ڪرڻ وارو بل اميگريشن ( ترميمي) بل 2017 منظور ڪري ورتو جنهن موجب انساني اسمگلنگ جي سزا 5 سال مقرر ڪئي وئي آهي. اجلاس چيئرمين عامر مگسي جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ انساني اسمگلنگ خلاف بل جي محرڪ شازيه ثوبيا چيو ته ٻه ڀيرا اهو بل پاس ٿيو آهي پر اسيمبلي ۾ پيش نه ٿيو، ميمبرن چيو ته جيستائين جوابدارن کي جيل ۾ نٿو وجهيو وڃي ايستائين ملڪ ۾ بيروزگار نوجوان غير محفوظ رهندا. ڪميٽي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، سينيٽ جي قانون ۽ انصاف واري ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر جاويد عباسي جي سربراهي ۾ ٿيو. ڪميٽي قانون واري سيڪريٽري جي عدم حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت لازمي بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، اجلاس ۾ طاهر مشهدي جي آئين ترميمي بل 2017 ۽ سسئي پليجو جي آئيني ترميمي بل 2016ع جو جائزو ورتو ويو، طاهر مشهدي چيو ته اهو بل آرٽيڪل 51 ۾ ترميم بابت آهي. چيئرمين چيو ته بهتر آهي ته پهرين صوبائي اسيمبلين لاءِ اختيار ڪرائڻ جي سفارش ڪئي وڃي ۽ بعد ۾ قومي اسيمبلي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ قانون واري وزارت جي اختيارين چيو ته اهو هاڻ ممڪن ناهي. جنهن تي طاهر مشهدي آئيني ترميمي بل والس وٺي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن تڪ بندين ۾ دير بابت سمورا تاٿر رد ڪندي ڪميٽي کي آگاهه ڪيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ تڪ بندين جو عمل بروقت مڪمل ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي جي شماريات واري ڪميٽي جو اجلاس راميش ڪمار جي صدارت هيٺ ٿيو، ڪميٽي کي بريدنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آدم شماري جي پنج سيڪڙو نتيجن جي آڊٽ لاءِ ٿرڊ پارٽي چونڊي وڃي. آڊٽ ڪيستائين مڪمل ٿيندو ڪا به ڊيڊ لائن نٿي ڏئي سگهجي. شماريات واري سيڪريٽري رخسانه ياسمين ٻڌايو ته آدم شماري جا حتمي نتيجا اپريل جي آخر تائين ڪابينا کي پيش ڪيا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ وارن کي ايوان ۾ نه هئڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزي مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے