24 خميس , مئي 2018

پي سي بيءَ پي ايس ايل ٿري لاءِ  ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ( پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ جي ٽئين سيزن لاءِ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اعلان ڪيل ٽيڪنيڪل ڪميٽي ۾ ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ هارون رشيد، ڊائريڪٽر گيم ڊيولپمنٽ مدثر نذر، سينئير جنرل مينيجر اڪيڊميز علي ضياءِ  ۽ پي سي بي جو ڊائريڪٽر سهيل سليم شامل آهن، اعلان ڪيل سمورا ٽيڪنيڪل ڪميٽي جا مميبر ٽورنامنٽ دوران انتظامن جي نگراني لاءِ گڏيل عرب عمارتن ۾ موجود هوندا. ٻئي پاسي انضمام الحق جي سربراهي ۾ قومي سليڪشن ڪميٽي جي ٽيم پي ايس ايل ٿري دوران دبئي ۽ شارجا نه وينديون جنهن جو سبب کين ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ميچن لاءِ ٽيم جي چونڊ ڪرڻ هوندو. جئين ته انضمام الحق لاهور قلندر جو مانيٽر مقرر ٿيو آهي پر هو ٽورنامنٽ دوران لاهور قلندر سان گڏ سفر ۾ شامل نه هوندو، پر انضمام 10 ڏينهن لاءِ پي سي بي جي خاص مهمان جي حيثيت سان دبئي ويندو. هوڏانهن سليڪٽر توصيف احمد جئين ته اسلام آباد يونائٽيڊ جو اسسٽنٽ ڪوچ خدمتون سرانجام ڏيندي، انڪري کيس ايونٽ دوران سليڪٽر هجڻ واري پگهار نه ملندي. بورڊ جي پاليسي موجب ڪو به ملازم يا رانديگر پاڪستان سپر ليگ يا ڪنهن ٻي ليگ دوران بورڊ جي پگهار کان محروم رهندو، ڪنهن کي به ڊبل پگهار نه ملندي انکاسواءِ ٻئين اسائمنٽ جو عرصو بنا پگهار جي تصور ڪيو ويندو.جڏهن ته ٻيا ٻه سليڪٽر وجاهت الله واسطي ۽ وسيم حيدر پنهنجن گهرن ۾ ويهي پي ايس ايل جون ميچون ڏسندا.واضح رهي ته انضمام الحق جي چيف سليڪٽر بڻجڻ کانپوءِ 2016 ۾ قومي ٽيم جي انگلينڊ جي دوري دوران پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مهمان جي حيثيت سان انگلينڊ جو دورو ڪيو هو، جڏهن ته ٻيا ٻه سليڪٽر ٻن هفتن لاءِ بورڊ جي مهمان جي حيثيت سان گڏيل عرب عمارتن جو دوري تي ويا هئا، انکاسواءِ سليڪٽرن کي غير ملڪي دورن اهي موڪليو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

اي بي ڊي ويليئرز عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جو  اعلان  ڪري ڇڏيو

ڪيپ ٽائون(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي مشهور بيٽسمين اي بي ڊي ويليئيرز هر فارميٽ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے