17 جمعو , آگسٽ 2018

ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي مڪمل بحالي ۾ 2 سال لڳندا: نجم سيٺي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي مڪمل بحالي ۾ 2 سال لڳندا. برطانوي خابرو اداري کي انٽروويو دوران نجم سيٺي جو چوڻ هو ته پي ايس ايل قومي ٽيم کي محدود اوور جي ڪرڪيٽ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو تنهن هوندي هڪ ڏينهن ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ لاءِ وڌيڪ تياري گهربل آهي. پي سي بي جي چيئرمين موجب نيوزيلينڊ خلاف شڪست جي سبب جو صحيح معين ڪوچ ۽ مينيجر جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ ڪري سگهجي ٿو. نجم سيٺي جو چوڻ هو ته پاڪستان جا پراڻا اسٽار رانديگر هاڻ پوڙها ٿي رهي اآهن ان ڪري اسان کي هڪ نئين ٽيم تيار ڪرڻي آهي ۽ نون رانديگرن کي اسٽار بڻائڻ ۾ وقت لڳندو آهي. پي سي بي جي چيئرمين چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ اسان جي ڪارڪردگي تسلي بخش آهي پر هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ ڪمزور آهيون ۽ هاڻ اسان جو سمورو ڌيان ورلڊ ڪپ تي آهي ۽ ان جي تياري ڪري رهيا آهيون. نجم سيٺي چيو ته اسان وٽ سٺا رانديگر موجود آهن ۽ مڊل آرڊر ۾ متبادل به ملي ويا آهن جن کي ميچور ٿيڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Starting a presentation with PCB regarding presentation

پي سي بيءَ جي حوالي سان پريزنٽيشن جي تياري شروع

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) بين الصوبائي رابطن واري وزارت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سمورن معاملن تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے