18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

ڪوئن ۾ انجڪشن سان ڪينسر ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪاميابي

اسٽينفورڊ(ويب ڊيسڪ) پوري دنيا ۾ ڪينسر جي خاتمي لاءِ ماهر هر طرح جون ڪوششون ڪري رهيا آهن هاڻي امريڪي مارهن هڪ انجڪشن ذريعي قوئن ۾ سرطاني رسوليون( ٽيومرز) جي علاج ۾ اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. جڏهن ته ماهرن 2 اهم ايجنٽون (خاص ڪيميائي مادن) جي معمولي مقدار کي انجڪشن ۾ شامل ڪيو آهي جنهن سان جسم جي اندروني دفائي نظام(اميون سسٽم)کي تحريڪ ڏئي ان کي ٺوس رسولي کي ختم ڪرڻ جي قابل تيار ڪيو ويو آهي.هن جاچ جي مرڪزي ماهر ڊاڪٽر رونلڊ ليوي چيو آهي ته جڏهن اسان 2 اهم ايجنٽون کي ملائي استعمال ڪيو ته پوري جسم جون رسوليان ختم ٿي ويو. في الحال هن کي قوئن تي آزمايو ويو آهي.  جڏهن ته ماهرن جو چوڻ آهي ته انجڪشن ۾ استعمال ٿيڻ واري ايجنٽون جي معمولي مقدار پاڻ رسولي جي خليات کي سرگرم ڪري رهيا آهن ۽ پوءِ ان مان سرطاني خليات ٽٽڻ ۽ ختم ٿيڻ لڳندا آهن. اسان ڄاڻون ٿا ته رت جي اڇن جزن ۾ هڪ قسم جا خليات ٽي سيلز هوندا آهن جيڪي عام طور تي جسم جو امنياتي نظام برقرار رکندا آهن ۽ ڪينسر جي خليات سان وڙهندا آهن پر ڪينسر وڌيڪ چالاڪي سان انهن کي ساڙي ٽي سيلز جي پڪڙ کان آزاد تي رسوليان تيار ڪندو رهندو آهي. ماهرن انجڪشن ۾ 2 ايجنٽون ان ڪجهه مائيڪرو گرام مقدار شامل ڪيا ۽ انهن رسولي کي سخت حصي تائين پهچايو ته ٽي سيل سرگرم ٿيا. رسولي تائين پهتا ۽ اتي سرطاني خليات کي نشانو بڻائڻ لڳا، اسٽينفرڊ جي ماهرن موجب هي طريقو ڪيترن ئي قسمن جي ڪينسر ختم ڪرڻ ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Malaria and Lishmanina took over the Wakai Sarkas in South Waziristan

ڏکڻ وزيرستان ۾ مليريا ۽ ليشمنينا وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي

ٽانڪ(ويبڊ يسڪ)ڏکڻ وزيرستان ۾ مڇرن جي پيداوار ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ سبب  ليشمينا ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے