23 اربع , مئي 2018

ٽن ڏهاڪن کان پوءِ ايم ڪيو ايم جو منطقي انجام

اڄ رحم جوڳي حالت ۾ ايم ڪيو ايم موجود آهي. ڪنهن کي ويساهه به ڪونه هيو ته ڪو سندس حال ايئن ٿيندو. ڪنهن نه سوچيو هو ته سندن گهر اندر اهو سڀ ڪجهه ٿيندو جيڪي هو ٻين سان ڪندا آيا آهن. ڪنهن ديوَ جو ساهه نڪري وڃي، جمهوريت ۽ قومن سان کيڏ ڪندڙ جمودي قوتن جي ساٿاري ڌر پنهنجي اندروني ڦيٽاڙي سبب پاڻ تي ئي پاڻ  کلائي ۽ قوم کي ان جو ڪوبه احساس نه ٿئي، تنهن جمودي ۽ جمهور مخالف ڌر ايم ڪيو ايم پنهنجي منطقي پڄاڻيءَ پاسي سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي. نون نون ڊرامن، پنهنجي والدين کي وچ ۾ آڻي دليل بدران رشتا کڻي اچڻ جهڙيون حرڪتون ڪندڙ ايم ڪيو ايم پنهنجي آخري سفر تي رواني ٿي چڪي آهي، ان جي جاءِ تي ان جهڙا ئي ڪي ٻيا ايندا، جيئن عالمي طور تي مجاهدين جي جاءِ تي طالبان ۽ ان بدران وري القاعده ۽ اڃا به اڳيان داعش سامهون آيون، تيئن پاڪستان جي سياسي چوپڙ مٿان مُهرن جهڙيون خذمتون ارپيندڙ اهي ئي ماڻهو وري هڪ هڪ ٿي گڏجي، قومن جي نفاق جو فائدو وٺي، وري سامهون ايندا. پر ڪمزور ۽ نٻل حالت ۾. گهڻو ڪري ڪجهه به نه ڪري سگهندڙ حالت ۾ اها نئين زماني جي ايم ڪيو ايم سامهون اچڻي آهي.

ڪالهه ايم ڪيو ايم ۾ ٿيل ڦيٽاڙي کان پوءِ سنڌ جي ٽن اهم ۽ رٽائرڊ آفيسرن ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سيد سردار احمد، جاويد حنيف ۽ رئوف صديقي ايم ڪيو ايم ۾ ٿيندڙ نقصان روڪڻ جون ڪوششون ڪيون، جيڪي ناڪام ٿيون آهن.

ان کان اڳ، گذريل رات جو دير سان سينيٽ ۾ پارٽي ٽڪيٽن جي ورهاست تي ايم ڪيو ايم پاڪستان وڌيڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي آهي. جنهن ڪري ايم ڪيو ايم وٽ موجود 36 ووٽن مان 28 ووٽ پاڪستان پيپلز پارٽي يا ڪا ٻي ڌر پنهنجي مقصد ۽ فائدي ۾ ڪتب آڻي سگهي ٿي. ايم ڪيو ايم جي اندروني ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان ڌڙي جو اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ايم ڪيو ايم پاران هڪ ٽڪيٽ ڪامران ٽسوري کي ڏيڻ جو حامي هو، جنهن تي خواجا اظهارالحسن، عامر خان ۽ ٻين بائڪاٽ ڪري ڇڏيو. بعد ۾ فاروق ستار اجلاس مان اٿي هليو ويو جنهن بعد خالد مقبول صديقي ۽ ٻين پريس بريفنگ ۾ چيو ته اڄ به اسان جو سربراهه فاروق ستار آهي پر رابطا ڪميٽي پارٽي اصولن جي ڀڃڪڙين تي ڪامران ٽيسوري ڊپٽي ڪنوينر تان هٽائي کيس 6 مهينن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي، فاروق ستار سان ڪو به جهيڙو نه ٿيو آهي اسان سندس منتظر آهيون 90 سيڪڙو رابطا ڪميٽي ميمبر هتي موجود آهن. هن چيو ته عامرخان سينيٽر بڻجڻ کان انڪار ڪيو هو، فاروق ستار پارٽي ڇڏي وڃي ٿو ته اسان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون. ٻئي طرف ميڊيا رپورٽن موجب فاروق ستار جي ڌڙي اعلان ڪيو آهي ته اسان پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن کي نيڪالي ڏئي سگهون ٿا. ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته الاهي دوست هن آزمائش يا سازش ۾ ساڻس گڏ آهن، سندس مخالفن ميڊيا سان ڳالهائي ۽ رابطا ڪميٽي جو اجلاس سڏائي تنظيم اصول جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي اهو غيرقانوني اجلاس هو. ڪارڪنن جو وڏو اجلاس به سڏائينداسين، چونڊيل نمائندن ۽ رابطا ڪميٽي ميمبرن جو وڏو انگ گڏ هجڻ جي باوجود کيس بي اختيار سربراهي قبول ناهي. هن چيو ته پارٽي سربراهي ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان، نون ايندڙن کي جاءِ ٺاهي وڃي رستو نه روڪيو وڃي. تشدد ڪندڙن کي برداشت نه ڪيو وڃي.

سينيٽ چونڊن کان اڳ ان ڦيٽاڙي جو مطلب اهو پڻ ٿي سگهي ٿو، ته اهي ايم پي ايز مبينه طور ڪنهن به ”مينا بازار“ جو حصو ٿي سگهن ٿا يا وري مڪمل خاموشي اختيار ڪري فاروق ستار جي سموري پلان کي مليا ميٽ ڪري سگهن ٿا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي اندر اها ٽوڙڦوڙ متحدا کي پنهنجي منطقي انجام پاسي وٺي ويندي، جنهن جو فائدو سرزمين پارٽي کڻي سگهي ٿي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ايم ڪيو ايم پاڻ ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آهي، اها عوام جي ڇا خدمت ڪندي، نواز شريف پنهنجون ڪوتاهيون لڪائڻ لاءِ پ پ تي الزام هڻي رهيو آهي. خيرپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم ۾ ڌڙي بندي کانپوءِ ايندڙ بيانن تي افسوس آهي، جن کي پنهنجي ماڻهن تي ئي اعتماد ناهي، اهي عوام جي ڪهڙي خدمت ڪندا، ايم ڪيو ايم ۾ اتحاد قائم ٿيڻ کان اڳ ئي اختلاف پيدا ٿي ويا، انهن جي پاڪ سرزمين پارٽي سان رڳو 8 ڪلاڪ مفاهمت ٿي. سندس چوڻ هو ته هن وقت امن امان جي سڀ کان وڌيڪ بهتر صورتحال سنڌ ۾ آهي، ڪنهن کي به ڪراچي جي امن سان کيڏڻ نه ڏينداسين.

ايم ڪيو ايم جي اندر پيدا ٿيندڙ انهن تبديلين تي سنڌ جي عوام توڙي ملڪ جي سياسي ڪارڪنن کي ان سموري وهنوار جي ڪٿ ڪري سماج ۾ نئين ڦيرگهير جو سنجيدگي سان مشاهدو ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ سماجيات جي ماهرن کي پڻ ان باري ۾ پنهنجي ٿيسز ڏيڻ گهرجي.

اربع 7 فيبروري  2018ع، 20 جمادي الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اسيمبليءَ جي تقدس کي بحال رکڻ جي ضرورت

                         سنڌ اسيمبليءَ  ۾ مالي سال 2018ع-2019 ع جي پيش ٿيل بجيٽ تي بحث جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے