17 جمعو , آگسٽ 2018

روشن خيال بلوچ صحافي صديق بلوچ جو لاڏاڻو

ملڪ جو ناميارو صحافي، ايڊيٽر ۽ روشن خيال ليکڪ صديق بلوچ ڪالهه 78 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ گذاري ويو. 10 فبروري 1940ع ۾ ڪراچي جي چاڪيواڙي لياري واري وسنديءَ ۾ ڄاول مرحوم صديق بلوچ پنهنجو صحافتي ڪيريئر 1960ع ۾ انگريزي اخبار ” ڊان“ کان شروع ڪيو ، جتي هو 29 ورهيه رهيو. هو نعپ سرڪار واري دور ۾ بلوچستان جي پهرئين سول گورنر مرحوم مير غوث بخش بزنجو جو لاڳاپا آفيسر رهيو. هن بلوچ ۽ پشتون اڳواڻن نواب خير بخش خان مري، خان عبدالولي خان، عطاالله مينگل ۽ ٻين سان جيل پڻ ڪاٽيو.

صحافت جي ميدان ۾ هن 1990ع ۾ بلوچستان مان پهرين انگريزي اخبار ”دي بلوچستان ايڪسپريس“ ۽ 2002ع ۾ اردو اخبار ” آزادي“ جو بنياد وڌو. جناب صديق بلوچ جيڪو قومپرست ۽ انساني حقن جي لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي ڪري ”ماما صديق“ جي نالي سان مشهور ٿيو تنهن جي لاڏاڻي سان ملڪ ۽ خاص ڪري بلوچستان هڪ اهم ۽ عوام دوست صحافي کان محروم ٿي ويو.

روزاني ”عوامي آواز“ جي  سٿ پاران مرحوم جي لاڏاڻي تي سندس گهر ڀاتين، مائٽن، دوستن ۽ ملڪ جي صحافين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿي.

اربع 7 فيبروري  2018ع، 20 جمادي الاول 1439 ه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي ماڻهن کي صحت مند، سرسبز ۽ سُکي ستابي سنڌ گهرجي

25 جولاءِ تي عام چونڊن کانپوءِ وفاق توڙي صوبن ۾ نيون حڪومتون ٺهڻ جو عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے