24 خميس , مئي 2018

سام سنگ گليڪسي ايس نائن ۽ ايس پلس جون تصويرون منظر تي اچي ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيتوڻيڪ سام سنگ ڪمپني پنهنجي فليگ شپ سمارٽ فون گليڪسي ايس نائن ۽ گليڪسي ايس پلس کي هلندڙ مهيني 25 فيبروري تي متعارف ڪرائندي پر ان فون جون تصويرون سامهون اچي ويون آهن، ليڪ ٿيندڙ تصويرن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ڪئميرا جي هيٺان ئي فنگر پرنٽ سينسر ڏنو ويو آهي، جيتوڻيڪ اهو خيال اڳ ئي ڪيو پئي ويو ته فنگر پرنٽ سينسر ڪئميرا جي هيٺان ڏنو ويندو پر هاڻ ليڪ ٿيندڙ تصويرن مان ان جي تصديق ٿي وئي آهي. سام سنگ جي ان فليگ شپ سمارٽ فون جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل سامهون نه اچي سگھيا آهن پر اهو واضح آهي ته سام سنگ ڪمپني وڌيڪ ڌيان رڳو ڪئميرا تي ئي ڏنو آهي. گليڪسي ايس نائن ۽ ايس پلس جي حوالي سان چيو پيو وڃي ته ان ۾ طاقتور ڪوالڪوم اسنيپ ڊراگون 845 پراسيسر ۽ فيس آءِ ڊي جي ٽيڪنالاجي جو سام سنگ جو پنهنجو ورزن هوندو، سام سنگ پنهنجي فليگ شپ موبائلن جي قيمت جو اعلان ناهي ڪيو پر چيو پيو وڃي ته ان جي قيمت هڪ هزار ڊالر يعني هڪ لک پاڪستاني رپين کان وڌيڪ هوندي، اهو ئي سبب آهي ته ايس سيريز سام سنگ جي سڀ کان مهانگي فون ثابت ٿيڻ واري آهي. اطلاعن موجب گليڪسي ايس نائن ۽ ايس پلس کي مختلف رنگن ۾ متعارف ڪرايو ويندو، سام سنگ جي ٻنهي موبائلن ۾ آءِ فون ايڪس سان ٽڪر جا فيچر به ڏيڻ جو امڪان آهي پر ان حوالي سان حتمي خبر 25 فيبروري تي سامهون ايندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريخ تي موڪليل سڀ کان ننڍي سيٽلائٽ زمين جي ورتل پهرين تصوير موڪلي ڇڏي

ڪيلفورنيا(ويب ڊيسڪ) ناسا ڪجهه عرصو اڳ انساني تاريخ جي مختصر ترين بين السياراتي (انٽرپلانيٽري) سيٽلائٽس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے