23 اربع , مئي 2018

نيوز : ڪنب:ڄڃ سان ڀريل ڊاٽسن  جو ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪر،  نينگر فوت

ڪنب  ڀرسان ڄڃ سان ڀريل ڊاٽسن  ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجڻ سبب  نينگر ڪري فوت ٿي ويو.

ڳوٺ بنگل خان چانڊيو مان گمبٽ ويندڙ ڄڃ سان ڀريل  ڊاٽسن ٽرالي سان ٽڪرائجڻ سبب  10 ورهين جو مجيب چانڊيو ڪمند جو ڇڙهيون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو.

زخمي نينگر کي فوري طور تي گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نھ سهندي فوت ٿي ويو.

ٻئي پاسي ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن تھ لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، شادي جون خوشيون روڄ راڙي ۾ تبديل ٿي ويون

هي به ڏسي سگهو ٿا

Samaro: The protest for the restoration of the job by the banned police officers

نيوز: سامارو: برطرف ٿيل پوليس اهلڪارن پاران نوڪري جي بحالي لاءِ احتجاج

ساماري ۾ سپاهي پاران نوڪري جي بحالي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڳوٺ حاجي علي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے