21 پیر , مئی 2018

نيوز : ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ڪامران ٽسوري کي سينيٽر بڻائڻ جي معاملي تي اختلاف

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڪامران ٽسوري کي سينيٽر بڻائڻ جي معاملي تي ايم ڪيو ايم ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن ۽ فاروق ستار هڪ دفعو ٻيهر پارٽي کان ناراض ٿي ويو.

 سينيٽ جي اليڪشن جي ورڇ تي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن ۽ اها ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آهي.

پي آءِ بي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهيءَ ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر علي رضا عابدي، ڪامران اختر، وقار شاهه شرڪت ڪئي.

ٻيو اجلاس بهادر آباد ۾ عامر خان جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ خالد مقبول صديقي، ڪنور نويد، امين الحق، فيصل سبزواري، وسيم اختر، نسرين جليل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي تھ ڊاڪٽر فاروق ستار ڪامران ٽيسوري کي ٽڪيٽ ڏيڻ چاهيندو هو جنهن تي اختلاف پيدا ٿيا.

 عامر خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪامران ٽيسوري کي پارٽي مان فارغ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

ٻئي طرف فاروق ستار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ماڻهو پارٽي تي  قبضو ڪرڻ چاهين ٿا ، ڪجهه ڏينهن اندر هڪ وڏو ۽ اهم اعلان ڪندس، ماڻهن جي من پسندي نه هلندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dakhan: The respondent Kornas killed the young man under his house and allegations under charge

صبح يارنهن وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-05-21

*ڊکڻ: جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ  پنهنجي گهر واري ۽ الزام هيٺ آيل نوجوان کي قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے