19 پیر , فروری 2018

نيوز : زرداري جو ڪرپشن خلاف ڳالهائڻ قيامت جي نشاني آهي:عارف علوي

پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي تھ زرداري جو ڪرپشن خلاف ڳالهائڻ قيامت جي نشاني آهي، زرداري ۽ سندس ساٿارين سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي.

کپرو ۾ ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ جي صدر عارف علوي چيو تھ هن وقت سنڌ جي حالت  تمام خراب آھي ، سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جي ڪا سهولت ناهي،  مريض دوائن لاءِ تڙپندا رهن ٿا پر وزير ڪرپشن ۾ پورا آهن.

هن چيو تھ هاڻ سنڌ جي عوام کي وڌيڪ ڪرپٽ حڪمرانن جي رحم ڪرم تي نه ڇڏينداسين ، نوازشريف کانپوءِ   هاڻ زرداري جو احتساب ٿيڻ وارو آھي  ، ملڪ جي ٻن اھم ادارن   فوج ۽ عدليه جي نواز ليگ تذليل ڪئي آھي.

هن چيو تھ   پاڪستان تحريڪ انصاف عوامي پارٽي آھي ، ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ سميت پوري ملڪ مان ڪاميابي حاصل ڪري عدل   انصاف جي حڪمراني قائم ڪنداسين

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات اٺين وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-02-19

شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ آزاد جوابدارن جي نظر بندي ۾ ٻن مهينن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے