21 بدھ , فروری 2018

ڪامران ٽيسوري کي سينيٽر بڻائڻ تي متحده پاڪستان ورهائجي وئي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڪامران ٽسوري کي سينيٽر بڻائڻ جي معاملي تي ايم ڪيو ايم ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن ۽ فاروق ستار هڪ دفعو ٻيهر پارٽي کان ناراض ٿي ويو. سينيٽ جي اليڪشن جي ورڇ تي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن ۽ اها ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آهي.  ذريعن موجب هڪ ئي پارٽي جا ٻن هنڌن تي اجلاس ٿيا. هڪ طرف پي آءِ بي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهيءَ ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر علي رضا عابدي، ڪامران اختر، وقار شاهه شرڪت ڪئي.  ٻيو اجلاس بهادر آباد ۾ عامر خان جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ خالد مقبول صديقي، ڪنور نويد، امين الحق، فيصل سبزواري، وسيم اختر، نسرين جليل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  ذريعن موجب ڊاڪٽر فاروق ستار ڪامران ٽيسوري کي ٽڪيٽ ڏيڻ چاهيندو هو جنهن تي اختلاف پيدا ٿيا. عامر خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪامران ٽيسوري کي پارٽي مان فارغ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ٻي طرف فاروق ستار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ماڻهو پارٽي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا هڪ وڏو ۽ اهم اعلان ڪندس، ماڻهن جي من پسندي نه هلندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ وارن کي ايوان ۾ نه هئڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزي مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے