21 بدھ , فروری 2018

پروٽيز کي وري ڌَڪ، زخمي ڊي ڪوڪ به ڀارت خلاف ون ڊي سيريز کان ٻاهر

ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز) ڀارت خلاف ون ڊي سيريز دوران ٻن شڪستن کي منهن ڏيندڙ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جون ڏکيائيون گهٽجڻ بدران وڌي رهيون آهن ۽ ميزبان ڪرڪيٽرن جي انجرين جو سلسلو جاري آهي، ان ڏس ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم ٻن اهم ترين رانديگرن اي بي ڊويليئرز ۽ ڪپتان فاف ڊوپليسي کانپوءِ ڀارت خلاف شاندار ون ڊي رڪارڊ رکندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ جي خدمتن کان محروم ٿي وئي آهي. رپورٽن موجب ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ڀارت خلاف ٻي ون ڊي ميچ دوران ڪرائيءَ جي انجريءَ جو شڪار ٿيو هو ۽ کيس صحتيابي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه هفتا گهربل آهن، جنهن سبب هو ڀارت خلاف رهيل ون ڊي ميچن توڙي ٽي ٽوئنٽي سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ راندين ذريعي امن آڻي سگهجي ٿو: شاهد آفريدي

سوئٽزر لينڊ ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے