20 سومر , آگسٽ 2018

رپورٽ : سنڌ جو مشهور ڍولڪ نواز استاد مٺو مڱڻهار ٺٽي پريس ڪلب ۾ ڍولڪ وڄائي احتجاج ڪيو

سنڌ جي مشهور ڍولڪ نواز ماتلي واسي استاد مٺو مڱڻهار جو پريس ڪلب ٺٽو ۾علاج نه ٿيڻ ۽ سندس پٽ کي نوڪري نه ڏيڻ خلاف ڍولڪ وڄائي پ پ قيادت کان مدد جي اپيل……….،

پيش آهي شبير ڀٽيءَ جي هيءَ رپورٽ……….،

ماتليءَ جي مشهور ڍولڪ نواز استاد مٺو  پ پ جي شهيد اڳواڻن ۽ بلاول ڀٽو جا گيت ڳائي انوکو احتجاج ڪندي کين خراج تحسين پيش ڪيو،

 هُن چيو ته هوُ نه صرف ڍولڪ نواز آهي پر پ پ جو پراڻو ڪارڪن پڻ آهي ۽ مون منهنجي سموري زندگي پارٽيءَ جي خدمت ڪندي گذاري آهي…….،

ڍولڪ نواز استاد مٺو مڱڻهار چيو ته هُن ڍولڪ تي سنڌ جي مشهور راڳين استاد محمد جمن، استاد محمد يوسف، مٺو ڪڇي، عابده پروين سميت ٻين جو ساٿ ڏنو پر اڄ آئون ڪاري سائي جي بيماري ۾ مبتلا آهيان جڏهن ته منهنجو نوجوان پُٽ لکيل پڙهيل هجڻ جي باوجود بيروگار آهي،

ڍولڪ نواز استاد مٺو مڱڻهار  چيو ته مون سنڌ جي ڪيئي پريس ڪلبن  ۾ احتجاج ڪيو آهي پر ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو آهي……….

استاد مٺو مڱڻهار پنهنجي فن جي حوالي سان موجوده حالتن ۾ غريب عوام سان ٿيندڙ زيادتين جي مذمت پڻ ڪئي……….

استاد مٺو مڱڻهار زندگيءَ جي انتهائي تڪليفن ۽ مايوسين جي هوندي به پنهنجن ڪلامن ۾ سنڌي ماڻهن جي ساراهه پڻ ڪندو  رهي ٿو…………

استاد مٺو مڱڻهار چيو ته هِن وقت سندس ٻچا فاقه ڪٽڻ تي مجبور بڻيل آهن تنهنڪري پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪو چيئرمين آصف زرداري نوٽيس وٺي منهنجو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي ۽ منهنجي پٽ کي نوڪري ڏياري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Mirpur Bathoro: Really against dismissing the workers of Town Committee

نيوز: ميرپور بٺورو: ٽائون ڪميٽي جي ڪچن ملازمن پاران برطرف ڪرڻ خلاف ريلي

ميرپور بٺوري ۾ٽائون ڪميٽي جي ڪچن ملازمن پاران برطرف ڪرڻ خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے