24 ہفتہ , فروری 2018

رپورٽ : قاضي احمد شهر جي گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪوبه ذريعو ناهي، شهرين پاران ڊرينيج نظام جي گهر

قاضي احمد شھر ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪنهن نيڪال جي ذريعي نه هجڻ ڪري سڄي شهر جو گندو پاڻي شهر جي ڀرسان پير محلا وٽ هڪ کڏ ۾ گڏ ٿئي ٿو جيڪا هاڻي هڪ ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي،

 جيڪا گندي هجڻ سان گڏ موت مار پڻ ٿابت ٿي رهي آهي………..

پيش آهي مومن بُلو جي هيءَ رپورٽ………..،

پير محلا قاضي احمد جا ماڻهو شهر جي گندي پاڻيءَ سان وجود ۾ ايندڙ ڍنڍ ڪري انتهائي تڪليف واري حالت ۾ گذاري رهيا آهن، ڇو جو انهيءَ ڍنڍ جي پرسان، پير محلي ۽ ملاح محلي جا رهواسي سخت تڪليفن ۾ مبتلا آهن،

شهرين گندي پاڻيءَ جي ڍنڍ خلاف احتجاج ڪيو ۽ نعره پڻ هنيا……

قاضي احمد شهر جي گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو ڪو سرشتو نه هجڻ ڪري شهر جو سمورو گندو پاڻي اچي شهر ڀرسان هڪ کڏ ۾ گڏ ٿئي ٿو، جنهن جي بدبوءِ عوام لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي، جنهن ۾ ڪيئي ٻارڙ پڻ ٻڏي فوت ٿي چڪا آهن……

علائقي واسين پ پ قيادت کان گهر ڪئي . آهي ته فوري طور تي هن کڏ کي ختم ڪيو وڃي………

شهرين جو چوڻ هو ته اسان ڪافي احتجاج پڻ ڪيا آهن پر پوءِ به هن کڏ کي لٽن جو ڪوبه انتظام نه پيو ڪيو وڃي……..

کڏ جي گندي پاڻي ڪري اسان جي جاين ۽ جڳهن کي نقصان رسي رهيو آهي ۽ ڪافي جڳهون ڪري پيون آهن………

شهر واسين چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، ھاءِ ڪورٽ آف سنڌ، گورنر ، وزير اعلي، ڪمشنر ، ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد ۽   اسسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد سميت اعلي اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته انساني زندگين تي رحم کائي قاضي احمد جي گندي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ لاءِ نالو ٺهرائي هن مسئلي مان عوام جي جان آجي ڪرائي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات ڏهين وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-02-23

پي ٽي آءِ پاران  شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے