20 منگل , فروری 2018

ايل او سي تي فائرنگ، ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي آفيس طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڀارٽي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۽ ٻن شهرين جي شهادت تي شديد احتجاج ڪيو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ايل او سي جي نيزا پير، نڪيال ۽ ڪريلا سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن مقامي شهرين جي شهادت تي شديد احتجاج ڪيو ۽ جنگبندي جي ڀڃڪڙي تي احتجاجي خط ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر حوالي ڪيو.  پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل خط ۾ چيو ته ڀارت طرفان هلندڙ سال هن وقت تائين 190 ڀيرا لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 13 معصوم شهري شهيد ۽ 65 زخمي ٿي چڪا آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن به ڀارتي سڪيورٽي فورسز بنا جواز فائرنگ ڪري نيزا پير، نڪيال ۽ ڪريلا سيڪٽرز ۾ ٻن ماڻهن کي شهيد ڪيو. ترجمان موجب ڀارتي اڳرائي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، ڀارت لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي جنگبندي جي ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايون فيلڊ ريفرنس: نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم جو سربراهه لنڊن روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ شاهدن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے