17 جمعو , آگسٽ 2018

دپيڪا پدڪون جي فلم ” پدماوت“ ڪروڙن جي ڊبل سينچري ڪري ورتي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم ” پدماوت“  200 ڪروڙ کان وڌيڪ جو ڪاروبار ڪري ڀارتي باڪس آفيس تي تاريخ لکي ڇڏي آهي.  هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم پدماوت جو تڪرار پابندين ۽ هنگامي کانپوءِ جهڪو ٿي ويو آهي جنهن ۾ اهم ڪردار ڀارتي عدليه جي فيصلن جو آهي جنهن سبب ڀارتي انتها پسند احتجاج واپس وٺڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. دپيڪا پدوڪون جي فلم پدماوت ڪيترين ئي رياستن ۾ پابندي باوجود باڪس آفيس تي تيزيءَ سان ڪمائي جا رڪارڊ ٺاهي رهي آهي.  فلم ڀارت ۾ نمائش جي 11 ڏينهن دوران 212 ڪروڙ 50 لک جو ڪاروبار ڪري ڪروڙين رپين جي ڊبل سينچري ڪري ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The head of the head and the crown Prince Shujaa, Nasrat Fateh Ali Khan, was defeated by fans since 21 years.

سُر ۽ سنگيت جي بي تاج بادشاهه استاد نصرت فتح علي خان کي مداحن کان وڇڙئي 21 ورهيه وهامي ويا

ڪراچي(شوبز نيوز) شهنشاهه قوال ۽ موسيقي جي دنيا جي بي تاج بادشاهه استاد نصرت فتح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے