21 بدھ , فروری 2018

سکر: شيخ برادري جي ماڻهن جو بااثر پاران گهر تي حملو ڪرڻ خلاف احتجاج

 سکر ۾ شيخ برادري جي ماڻهن بااثر پاران گهر تي حملو ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو .

ڇوھارا منڊي جي رھواسي شيخ برادري جي عورتن ۽ مردن  سڪينا، گلناز  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

 ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ٻڌايو ته روز خاتون جي علي شير شيخ سان شادي ٿيل هئي

هنن ٻڌايو ته  چار ڏينھن اڳ روھڙي عدالت مان روز خاتون علي شير شيخ کان  طلاق ورتي هئي .

هنن ٻڌايو ته علي شير شيخ ڏمرجي گهر تي هلان ڪري  روز خاتون کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ، مزاحمت تي هن فائرنگ ڪئي ۽ گهر ۾ ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي.

هنن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کان مطالبو ڪيو ته جوابدار  علي  شير شيخ کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات نائين وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-02-20

نواز شريف پارليامينيٽ کي عدليا خلاف استعمال ڪري رهيو آهي: عمران خان سنڌ حڪومت پي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے