21 بدھ , فروری 2018

هاڻ گوگل اڏام ۾ دير جو اڳ واٽ اطلاع ڏيندو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) فضائي سفر دوران هڪ پريشان ڪندڙ مرحلو اڏام ۾ مدير هوندو آهي يا ايئرپورٽ تي انتظار ڪندڙ ماڻهو ان وقت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن جڏهن اوچتو اڏام ۾ دير جو اعلان ڪيو ويندو آهي. گوگل فلائٽ ايپلي ڪيشن تازو ئي هڪ اهڙي اپ ڊيٽ ڪئي آهي جنهن ذريعي اڏام ۾ دير وارو اڳ واٽ اطلاع حاصل ٿيندو، گوگل جهازن جي اڳوڻي تاريخ کي نظر ۾ رکندي، موسم جي خرابي  يا دير جي ڪنهن ٻين سبب جو اطلاع صارفن کي اڳ واٽ ملندو ته اڏام دير جو شڪار ٿي سگهي ٿي. گوگل مسلسل هوائي سفر ڪندڙن جي مدد لاءِ ڪيترائي فيچر متعارف ڪرايا آهن جن مان هڪ مصنوعي  انٽيليجنس آهي جيڪا پاڻمرادي انداز ۾ فلائٽ ۾ ڊير جو اطلاع پاڻ ئي صارف کي ڏيندي. جيڪڏهن ڪو صارف اهو ڄاڻڻ چاهي ته سندس فلائٽ مقرر وقت تي اڏام ڪندي يا پنهنجي منزل تي پهچندي ته هو ڄاڻايل فلائٽ جي تفصيل ايپ ۾ وجهي اهو ڄاڻي سگهندو ته فلائٽ بروقت اڏام يا لينڊ ڪندي يا وري ان ۾ به دير ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

واٽس ايپ جو ڊيليٽ ٿيل پيغام اصل ۾ ختم نه ٿيندو آهي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پيغام پهچائڻ جي سب کان مقبول ايپلي ڪيشن واٽس ايپ ۾ ڊيليٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے