22 منگل , مئی 2018

رپورٽ : 05 فيبروري ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏينهن

دنيا جي گولي تي  اگر جنت آهي ته اها ڪشمير  آهي اهي لفظ هر ان شخص جا آهن جنهن ڪشمير کي ڏٺو ۽ پڙهيو   آهي .

5 فيبروري پوري دنيا ۾ ڪشميرين سان يڪجتي جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي

 ان جو مقصد ڪشمير جي مظلوم ماڻهن تي ٿيندر ظلم ۽ بربريت  خلاف آواز بلند ڪرڻ ۽ عالمي دنيا کي اهو پڻ ٻڌائڻ آهي ته ڪشمير جو مسئلو  جيئن جو تيئن آهن  .

ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ 1930 کان شروع ٿي جيڪا اڄ به موجود آهي .

گڏيل هندوستان جي ورهاڱي کان پوءِ ڪشمير  ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻيل آهي .

1947 کان هيئر تائين ڪشميري پنهنجي آزادي ۽ مختياري لاءِ ڪيترين ئي جانين  جي قرباني ڏئي چڪا آهن .

ڪشمير جي آزادي ۽ خودمختياري بابت گڏيل قومن جي اسمبلي ۾ ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون ويون پر افسوس جو انهن قردادن تي عمل نه ٿي سگهيو .

ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ جاري آهي جيڪا پوري دنيا جي انساني حقن جي علمدار تنظيم ، فورم، ۽ پاڻ انسانن لاءَ افسوس جوڳو عمل آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Wahi pandhi: Villagers: Unrest protest against Rustmann's homeowners

نيوز: واهي پانڌي: ڳوٺ ڇڊري رستماڻي جي رهواسين جو بنيادي سهولتن جي اڻهوند خلاف احتجاج

واهي پانڌي   ڀرسان ڳوٺ ڇڊري رستماڻي جي رهواسين  پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ بنيادي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے