21 بدھ , فروری 2018

ڪشمير ، پاڪ-ڀارت لاڳاپا۽ ننڍي کنڊ جو امن

پاڪستان ۾ اڄ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، پاڪستان طرفان هر سال هي ڏينهن پنج فيبروري تي ملهايو ويندو آهي، جيڪو عام موڪل جو ڏينهن به هوندو آهي.

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ ڪشمير ئي اهو مسئلو آهي، جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار جو بنيادي ڪارڻ آهي، ٻئي ڌريون هن مسئلي بابت گذريل70 سالن کان پنهنجي پنهنجي موقف تي بيٺل هئڻ ڪري، ننڍ کنڊ جو امن ڪياس تي ٽنگيل رهيو آهي ۽ هنن ٻنهي ايٽمي ملڪن ۾ دشمني سبب خطي اندر هٿيارن جي ڊوڙ به پنهنجي جاءِ تي جاري آهي.

نڍي کنڊ ۾ ڏيڍ ارب جي لڳ ڀڳ انسان رهن ٿا، جن مان چاليهه سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذارين ٿا. ڪيترن کي اڄ به پيئڻ جو صاف پاڻي، اجهي ۽ ٻن ويلن جي ماني جي سهولت ميسر نه آهي. هن خطي ۾ ڪروڙين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. ڏٺو وڃي ته ننڍي کنڊ ۾ اولهه سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳتي وڌڻ ۽ ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ جي صلاحيت پنهنجي جاءِ تي موجود آهي پر پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪشمير تڪرار سبب هي خطو ۽ هن خطي جا ملڪ ۽ ماڻهو اڳتي وڌڻ بدران ڄڻ ته ڏينهون ڏينهن پٺتي ٿيندا پيا وڃن.

ڪشمير بابت پاڪستان جو موقف آهي ته هن تڪرار کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي ۽ پاڪستان چاهي ٿو ته، جئين ته هي معاملو ٽه ڌريو آهي، تنهن ڪري ان کي پاڪستان ۽ ڀارت سان گڏوگڏ ڪشميرين کي شامل ڪري حل ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته ڀارت وري ڪشمير کي پنهنجو اڻ ٽٽ حصو قرار ڏئي ٿو ۽ ڪشميرين کي هن تڪرار ۾ ڌر مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، جنهن  جي ڪري هن تڪرار جي حل ڏانهن ڪا اڳڀرائي، ڪا چُر پرُ ٿيڻ بدران سُئي هڪ  هنڌ ئي اٽڪيل آهي.

نه رڳو ايترو پر پاڪستان چاهي ٿو ته اقوام متحده جي ٺهرائن تحت ڪشميرين کي راءِ شماري جو حق ڏنو وڃي، يعني انهن کي حق ڏنو وڃي ته اهي چاهين ڇا ٿا؟ پاڪستان سان گڏجڻ چاهين ٿا، ڀارت ۾ رهڻ چاهين ٿا يا وري ٽئين واٽ وٺڻ چاهين ٿا، پر ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن کي لاڳيتو پٺي ڏيندي ڪشمير  ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، سو هاڻي لڪيل ڳالهه ناهي رهي. ڪشميرين جي نمائنده جماعت حريت ڪانفرنس ڪشمير ۾ اڄ تائين جيڪي به چونڊون ٿيون آهن، تنهن کان بائيڪاٽ ڪندي پئي آئي آهي، تنهن جي ڪري والاريل ڪشمير ۾ جيڪا به رياستي اسيمبلي ٺهندي رهي آهي، تنهن کي قطئي طور ڪشميرين جي نمائنده اسيمبلي نٿو چئي سگهجي، ڇو ته ڪشميرين جي حقيقي نمائنده حُريت ڪانفرنس چونڊن ۾ ڪڏهن به حصو ناهي ورتو.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ رڳو ڪشمير تڪرار نه آهي پر سرڪريڪ سميت ڪجهه ٻيا سرحدي ۽ پاڻي جا تڪرار به جيئن جو تئين موجود آهن، اهي تڪرار ان جي ڪري حل نه ٿي سگهيا آهن، ڇو جو ٻنهي ملڪن ۾ بنيادي تڪرار ڪشمير تي  ڪا اڳڀرائي نه ٿي آهي. ٻنهي ملڪن خاص ڪري ڀارت طرفان پنهنجي موقف ۾ لچڪ نه ڏيکارڻ ڪري هي معاملو اڄ به حل طلب آهي. پاڪ-ڀارت لاڳاپا گذريل ستر سالن دوران لاهن چاڙهن جي ور چڙهيل هئڻ ڪري ٻنهي ملڪن جو زور پنهنجي پنهنجي دفاعي قوت وڌائڻ ۽ وڌ ۾ وڌ وسيلا پنهنجي دفاع مضبوط ڪرڻ تي خرچڻ سبب هن ملڪ جي اڪثريتي عوام کي غربت جو جيڪو مسئلو درپيش آهي،تنهن جي  حل ڏانهن ڪا جوڳي اڳڀرائي  ٿي نه سگهي آهي. نه رڳو ايترو پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوام جي سطح تي، فنڪارن، شاعرن، اديبن ۽ سفارتڪارن جي سطح تي لاڳاپا به سازگار ناهن  رهيا، ٻنهي ملڪن ۾ تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ لازم آهي ته جنگي جنون واري روش کي ختم ڪري حقيقتن کي قبولڻو پوندو.

ڪشميري ڇا ٿا چاهين؟ تنهن جو اختيار کين ملڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن کي روايتي تڪرار کي حيقيتن جي پس منظر ۾ حل ڪرڻ  ڏانهن اڳڀرائي ڪرڻ سان گڏوگڏ گڏيل دشمن يعني غربت خلاف جنگ جوٽڻ گهرجي. عالمي برادري کي به پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري ننڍي کنڊ ۾ دائمي امن کي يقيني بڻائڻ گهرجي. پاڪستان ۽ ڀارت کي به جامع ڳالهائن وارو  عمل جيڪو ورهين کان رڪجي ويو آهي، سو وري بحال ڪرڻ گهرجي. جمود ٽوڙڻ لاءِ لازمي آهي ته لچڪ ڏيکارڻي پوندي. دنيا جي وڏي ۽ پراڻي جمهوريت جي دعوائيدار ڀارت کي بهرحال ان ڏس ۾ گهڻي بردباري ڏيکارڻي پوندي، جيڪا اڄ تائين ان طرفان ڏيکارڻ بدران اُٻهرائپ کان ئي پئي ڪم ورتو ويو آهي.

سومر  5 فيبروري   2018ع، 18 جمادي الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاندار تعليمي معيار جو شرط: بهترين استاد ۽ ايماندار آفيسر

سنڌ سرڪار صوبي ۾ انگريزي جي تعليم ۾ بهتري لاءِ انتهائي اهم ڪوششون ڪري رهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے