24 ہفتہ , فروری 2018

پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ پنجاب ۾ گڏيل لائحا عمل لاءِ 8 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چونڊن لاءِ سياسي پارٽين جي ڳٺ جوڙ شروع ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ تحريڪ انصاف ۽ ق ليگ پنجاب ۾ گڏيل لائحا عمل لاءِ 8 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته آصف زرداري کي به گڏجي چونڊ وڙهڻ جو چونداسين، اهو اتحاد ن ليگ خلاف هوندو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفد شاهه محمود قريشي جي سربراهي ۾ ق ليگ قيادت سان ملاقات ڪئي. ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ گڏجي حصو وٺنديون، گڏيل اميدوار ۽ لائحا عمل لاءِ ٻنهي پارٽين جي چئن چئن ميمبرن تي ٻڌل 8 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ان موقعي تي ق ليگ اڳواڻ پرويز الاهي چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ پنجاب مان گڏيل اميدوار آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ صوبي ۾ اپوزيشن الائنس لاءِ آصف علي زرداري کي به چيو ويندو. ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته سينيٽ چونڊن کانپوءِ عام چونڊن ۾ به سياسي اتحاد برقرار رکيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ڪنگز جي پي ايس ايل ٿري ۾ فتح سان انٽري

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے