18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

ليبيا ۾ ٻڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ 32 پاڪستاني سوار هئا: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته ليبيا ۾ پيش آيل ٻيڙي حادثي جي متاثرن ۾ 80 کان 90 ماڻهو شامل آهن، جن ۾ 32 پاڪستاني هئا. اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ دوران هن ٻڌايو ته پاڪستان مشن جا آفيسر ان ئي ڏينهن حادثي واري هنڌ پهتا، جن کي ٻڌايو ويو هو ته حادثي ۾ 13 پاڪستاني فوت ٿيا آهن. سندس چوڻ هو ته واقعو 31 جنوري تي پيش آيو هو، فوت ٿيل چئن پاڪستانين جي سڃاڻپ اڃا تائين ناهي ٿي. پرڏيهي ترجمان موجب پاڪستاني شهرين جا مڙهه موٽائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ان ڏس ۾ سفارتخاني کي فنڊ ڏنا ويا آهن، ان بابت ڄاڻ پرڏيهي وزارت جي ويب سائيٽ تي موجود آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاق کي مضبوط ڪرڻ ۽ سهڪار جو هٿ وڌائڻ چاهيون ٿا: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي نائب چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے