15 اربع , آگسٽ 2018

ڳورهاري عورتن کي احتياط بدران جُهمر جو ڏَس

برازيليا (ويب ڊيسڪ) طبي ماهر عام طور تي ڳورهاري عورتن کي غير ضروري طور گهمڻ ڦرڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ احتياط جي صلاح ڏيندا آهن ته جيئن ٻار توڙي ماءُ جي صحت تي ڪو اثر نه پوي پر هڪ ڊاڪٽر اهڙو آهي، جيڪو مريض عورت جو علاج جهمر ذريعي ڪندو آهي. حمل جو مرحلو هر عورت لاءِ خوشگوار ۽ اهم تجربو هوندو آهي پر جيئن جيئن ٻار ڄڻڻ جو وقت ويجهو ايندو آهي ته عورت کي ذهني دٻاءَ توڙي تڪليف جو احساس ٿيندو آهي، جيڪو هڪ قدرتي عمل آهي. عام طور تي ڊاڪٽر ڳورهاري عورتن کي آخري وقت ۾ غير ضروري طور گهمڻ ڦرڻ ۽ ان معاملي ۾ احتياط ڪرڻ جي صلاح ڏيندا آهن پر برازيل ۾ هڪ اهڙو ڊاڪٽر آهي، جيڪو مريض عورت جو علاج ڊانس ذريعي ڪري ٿو. ڊاڪٽر فرنينڊو موجب ڊانس سان ڳورهاري عورت جي ورزش ٿيندي آهي، جنهن سبب اها ٻار ڄڻڻ جي عمل ۾ تڪليف کي منهن ناهي ڏيندي. ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته ماءُ طرفان اهڙي ورزش ڪرڻ سان ٻار حرڪت ڪندو آهي ۽ ڄَم دوران اهو سولائيءَ سان ٻاهر اچي ويندو آهي. ميوزڪ ۽ ڊانس سان ڳورهاري عورتن جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر جي ويڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي جاري ٿي آهي، جنهن کي ڏسي هڪ پاسي ڪيترائي ماڻهو حيران ٿيا آهن ته ڪيترن ئي وري ان طريقي ڪار کي سٺو قرار ڏنو آهي. ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي  ٿو ته ڳورهاري عورت ڊاڪٽر جي هدايت تي ڊانس جا اسٽيپ ڪندي ڏاڍي خوش ۽ مطمئن نظر اچي رهي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پکي سامهون سمهڻ صحت لاءِ نقصانڪار قرار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته پکي سامهون سمهڻ سان صحت کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے