27 آچر , مئي 2018

نيوز : ڇني: دوڪاندارن  پاران  قبرن جي بيحرمتي ڪرڻ ۽ قبرن مٿان اڏاوت ڪرڻ  خلاف احتجاج

ڇني ڀرسان گاجي شاھ جي  ميلي لاءِ آيل دوڪاندارن  پاران  قبرن جي بيحرمتي ڪرڻ ۽ قبرن مٿان اڏاوت ڪرڻ تي انتظاميا خلاف شهرين  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پير گاجي شاھ جي سالياني عرس مبارڪ لاءِ ايندڙ ميلي جي دوڪاندارن پاران قديمي قبرن جي مسمار ڪرڻ خلاف عبدالله جمالي، ابراهيم جمالي، محمد خان جمالي ،فقيرو خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

 ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ انتظاميا ۽ پوليس جي ملي ڀڳت سبب قبرن کي مسمار ڪري ان جي مٿان دڪانن جي اڏاوت ڪئي پئي وڃي جيڪو انتهائي غلط عمل آهي.

هنن چيو ته سيشن ڪورٽ دادو پاران واهي کان اولھه طرف ڪابھ اڏاوت يا پلاٽ جو وڪرو نه ڪيو ويندو تنهن هوندي به پلاٽ وڪرو ڪيا ويا ۽ قبرن جي بيحرمتي ڪري مٿان دڪان اڏيا ويا.

هنن ايس ايس  پي دادو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو انتظاميھ خلاف ڪارروائي ڪري قبرن کي مسمار ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Matli: protest against Zherir Colony's houses being shut down for 20 days

نيوز: ماتلي: ظھير ڪالوني جي رھواسين جو  20 ڏينهن کان بجلي بند هجڻ خلاف احتجاج

*ماتلي ۾ ظھير ڪالوني جي رھواسين رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ 20 ڏينهن کان بجلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے