28 سومر , مئي 2018

نيوز : ڏوڪري: پورهيت جي قتل جو  ايس ايس پي لاڙڪاڻو ٻيهر جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڏوڪريءَ ۾ 5 مهينا اڳ قتل ٿي ويل پورهيت جي قتل جو  ايس ايس پي لاڙڪاڻو ٻيهر جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ڏوڪري پريس ڪلب ۾ صحافين سان ملاقات وقت 5 مهينا اڳ قتل ٿي ويل پورهيت علي گوهر ٻگهيي جي وارث عورتن احتجاج ڪيو.

 ان موقعي تي ايس ايس پي تنوير حسين تنيو عورتن جي احتجاج جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ڏوڪري کي قتل جي جاچ ڪري هفتي اندر رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ايس ايس پي تنوير حسين تنيي پريس ڪلب ۾ ڳالهائيندي چيو تھ پوليس ۽ صحافين جو سماج جي اڏاوت ۾ هڪ اهم ڪردار هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ٻنهي جو تعميري ساٿ رهندو ته برايون پاڻمرادو ختم ٿي وينديون.

هن چيو ته سماج جا گهٽ  فرد ڪرپشن ڪندا آهن پر ان جا نتيجا سڄو سماج ڀوڳيندو آهي.

ايس ايس پي تنوير حسين تنيي وڌيڪ چيو ته ضلعي اندر امن امان جي بهتريءَ سان گڏوگڏ پوليس جي ڪردار کي پڻ بهتر ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي رهيا آهيون.

ھن وڌيڪ چيو ته چارج سنڀالڻ بعد لاڙڪاڻي پوليس ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ 18 پوليس مقابلن ۾ ڪيترائي ڏوهاري گرفتار ڪيا……

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khairpur: Dead accidentally hit the vehicle

نيوز: خيرپور: اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت

خيرپور ويجهو اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش اسپتال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے