17 جمعو , آگسٽ 2018

نيوز : سکر: روهڙي ڪئنال مان ٻن معصوم ٻارڙن جا لاش هٿ

سکر  ڀرسان  روهڙي ڪئنال مان ٻن معصوم ٻارڙن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن.

پراڻي ناڪي وٽان گندي پاڻي جي تلاءَ مان  ٻن معصوم ٻارڙن  اٺن ورهين جي  نديم ۽ ڏھن سالن جي نعيم جا لاش ھٿ ڪيا ويا آھن .

اطلاع تي پوليس پهچي لاش ڪڍرائي اسپتال پهچايا، جتان لاش ضروري ڪاررواين بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

ٻنھي معصومن جا لاش گھر پھچڻ تي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو ، سندن گھرڀاتي لاشن کي چنبڙي زارو قطار اوڇانگرون ڏئي روئندا رهيا.

ٻئي پاسي پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Islamabad: Pakistan and India contact

منجهند ٻارنهن وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-08-17

*پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي ملٽري آپريشنز جو هاٽ لائين تي رابطو *اليڪشن ڪميشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے