24 ہفتہ , فروری 2018

جمهوريت خلاف آمريتن جي گدلاڻ خلاف اتحاد جي گهرج

ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته جمهوريت کي تباهه ڪندڙ آلاڻ اڄ به ملڪ ۾ سرگردان آهي، ملڪ جي سموري تاريخ جمهوريت تي لڳاتار حملن سان ڀري پيئي آهي ۽ ان غيرجمهوري آلاڻ جي ڪري اڄ به جمهوريت لاءِ اهو سوال سامهون آهي ته اها ملڪ ۾ پنهنجون پاڙون ڇو نه هڻي سگهي آهي؟

ڪالهه ڪراچي ۾ هڪ سيمينر کي خطاب ڪندي هن چيو آهي ته جمهوريت وسوسن جي ور چڙهيل آهي، جڏهن به جمهوريت پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ان جا پير ڪهاڙيءَ سان ڪپيا وڃن ٿا. هن چيو ته ڏک جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن به عوام ۽ جمهوريت کي عدالتي سهارن جي گهرج پئي آهي ته عدالتن وري ”نظريئه ضرورت“ گهڙي آمريتن جي پئي مدد ڪئي آهي. اهي ضرورتون. پي ايس اوز، ايل ايف اوز ملڪ جي تباهي جا ڪارڻ رهيا آهن، پر اهو سڀ ڪجهه بدلائڻ لاءِ اسان کي سنئين سڌي ڳالهه ڪرڻي پوندي. ٻي حالت ۾ هر وقت جسٽس منير سامهون هوندو جنهن چيو هو ته ”ضرورت ڪنهن به غيرقانوني ڳالهه کي به ڦيرائي قانوني بڻائي سگهي ٿي“

اڳوني وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سموري اقتداري دور ۾ ڪنهن به وزيراعظم جي ڀاڳ ۾ مڪمل مدو پورو ڪرڻ شامل ناهي. سراسري طور هر وزيراعظم کي ٻه ورهيه ڪم ڪرڻ ڏنو ويو. پر آميريتن 30 سال اقتدار تي قبضو پئي ڪيو. هن تاريخي حوالي سان چيو ته خواجا خيرالدين کي 1953ع کي هٽايو ويو ۽ ان جي جاءِ تي محمد علي بوگرا رکيو ويو. ان وقت کان وٺي اقتدار تي رهندڙن کي رانديڪو سمجهي کيڏ ڪئي وئي آهي. 1956ع ۾ ٺهيل پهرئين آئين پٽاندڙ ملڪ ۾ چونڊون 1958ع ۾ ڪرائڻ جو اعلان ٿيو ته وچ ۾ آمريت مڙهي سڄي مامري کي ئي روڪيو ويو. ماڻهو عدالتن ۾ ويا. اتي ”ضرورت“ غيرقانوني کي ”قانوني“ بڻائڻ ۾ اڳيان اڳيان هئي. عدالتن مارشلا کي ئي ”جائز“ ڪوٺي ڇڏيو.

ميان نواز شريف پنهنجي ٻئين دور 1999ع ۾ آيل مارشلا تي هڪ جج جو تبصرو پڻ حوالي طور ٻڌايو ته جنهن چيو هو ته ” شاندار ڪم ٿي ويو آهي“ هن چيو ته سڄي ملڪ کي ڄاڻ آهي ته ساڻس ڇا ڪيو ويو آهي ۽ بلوچستان ۾ وڏي وزير کي هٽائڻ لاءِ ڇا ڪيو ويو آهي؟ هن چيو ته آمريتن ۽ آمرن جمهوريت تي مسلسل وار ڪيا آهن، پر ان هوندي به جي گڏجي پياسين ته ملڪ ۾ جمهوريت پائيدار ٿي سگهندي.

اڳوڻي وزيراعظم جي ادا ڪيل سمورين ڳالهين سان ڳالهين جي حد تائين سهمت ٿي سگهجي ٿو. پر ملڪ ۾ آمريتن جي ڊگهي تاريخ پڻ سياستدانن جي ڏنل موقعن سان ڀري پيئي آهي جنهن ۾ انهن جي غلطين سان گڏ آمريتن جي لاءِ ”جي حضوري“ به شامل آهي. پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ اها حيرت جهڙي ڳالهه اهي ته آمريتن سان گڏ رهندڙ اڳواڻن جا پونئر وري مڪمل عوامي ٿي وڃن ٿا ۽ هڪ وڏي جنگ جوٽڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا.

ڇنڇر 3  جنوري  2018ع، 16جمادي الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام ۽ آئين سپريم ڪڏهن بڻبا؟

ڪالهه وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي سموري خطاب جو محور سپريم ڪورٽ ۽ سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے