27 آچر , مئي 2018

ٻارن تي سمورن تشدد خلاف نصاب ۽ جاڳرتا جي گهرج

سنڌ سرڪار ۽ خاص ڪري سنڌ جي تعليم کاتي ۽ سنڌ ۾ نصاب جوڙڻ واري اداري کي گهرجي ته صوبي ۾ ٻارن تي جنسي تشدد، جسماني تششدد، ننڍي عمر ۾ ٻارن جي شادي توڙي ٻاروتڻ ۾ ئي تعليم بدران ڪم تي موڪلڻ خلاف جاڳرتا جي عظيم مهم هلائي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن توڙي تعليم کان ٻاهر رهندڙ ٻارن جي جاڳرتا لاءِ خصوصي بندوبست ڪيا وڃن. ان سلسلي ۾ پنجاب جي صوبائي وزير جي ڪالهوڪين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ڪنهن به ڏوهاري ۽ قاتل صفت ماڻهوءَ يا ماڻهن جي نفسيات بابت پڻ واقفيت ڏني وڃي. جن ڳالهين جو ذڪر راڻا ثناالله ڪيو آهي. ان قسم جا ڪرتب سنڌ ۾ ڪراچي ۽ ٻين علائقن جا دهشتگرد پڻ ائين ئي ڪندا رهيا پر انهن جي خلاف جاڳرتا جو جيڪو سرشتو هجڻ گهرجي ها اهو ساڃهه وندن، ميڊيا توڙي دانشورن جي وڏي حصي پاران ادا ٿي نه سگهيو.

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته قصور جهڙا واقعا ملڪي بدنامي جو سبب بڻجندا آهن، ان واقعي بابت ڪردار ادا ڪرڻ تي عدالت ۽ آرمي چيف جا ٿورائتا آهيون، ننڍڙن ٻارن کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هڪ مرتب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جوابدار جنازي نماز ۽ ٻين جاين تي به ماڻهن سان گڏ ويندو رهيو، جوابدار ساڳي واقعي خلاف احتجاج ۽ پٿراءُ ڪندو رهيو. سندس چوڻ هو ته جڏهن جوابدار کي ڊي اين اي پروفائل لاءِ طلب ڪيو ويو ته هو غائب ٿي ويو. ان حرڪت سان جوابدار تي شڪ ٿيو هيو، جوابدار کي ٻين 6 ماڻهن سميت طلب ڪيو جيئن هن کي شڪ نه ٿئي. هن چيو ته جاچ دوران جوابدار پهرين واقعي کان آخري واقعي تائين جا سمورا تفصيل ٻڌايا. هن چيو ته واقعي کان پوءِ وڏي وزير جنسي هراسان ڪرڻ واري سبق کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ننڍڙن ٻارن کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هڪ ڪتاب مرتب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ان تعليمي سلسلي کي ايندڙ جماعتن جي ٻارن لاءِ به پڙهايو ويندو.

ڇنڇر 3  جنوري  2018ع، 16جمادي الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

نگران وزيراعظم جي نالي تي اٽڪيل سُئي

موجوده حڪومت جو آئيني مدو 31 هين مئي تي رات جو ٻارهين وڳي مڪمل ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے