21 بدھ , فروری 2018

رپورٽ: ڄام صاحب لڳ يوسي پريتم آباد جي ڳوٺ بادل خان سولنگي جا معصوم ٻارڙا تعليم کان محروم

ڄام صاحب لڳ يوسي پريتم آباد جي ڳوٺ بادل خان سولنگي جا معصوم ٻارڙن ۽ ڳوٺاڻن سنڌ سرڪار کان ڳوٺ ۾ اسڪول ڏيڻ لاءِ احتجاج ڪيو ۽ اسڪول ڏيو، اسڪول ڏيو جا نعره هنيا……….

پيش آهي نظير ڏاھريءَ جي هيءَ رپورٽ………

سڄي ملڪ کي کربين روپين جو گيس ڏيندڙ سانگهڙ ضلعي جو عوام زندگيءَ جي بنيادي سهولتن کان محروم آهي، نوي سيڪڙو ڳوٺاڻن علائقن ۾ نه ته ترقياتي ڪم ٿين ٿا ۽ نه ئي ڪي روڊ رستا آهن، ۽ نه ئي واهن تي پلون، موريون آهن، جڏهن ته اڪثر عوام پيئڻ جي صاف پاڻي، علاج ۽ تعليم جي سهولتن کان به محروم آهي………

اهڙن ڳوٺن مان ڄام صاحب لڳ يوسي پريتم آباد جو ڳوٺ بادل خان سولنگي پڻ هڪ آهي، جتي سوين ٻارڙا پڙهڻ جو شوق دل ۾ سانڍيون ويٺا آهن پر سندن ڳوٺ ۾ اسڪول نه آهي،

ٻارڙن اسڪول لاءِ احتجاج ڪندي نعره هڻي اسڪول جي گهر ڪئي……….،

ڳوٺ جي معصوم ٻارڙن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي پنهنجي دل جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ اسڪول نه آهي تنهنڪري اسان ڳوٺ ۾ سرن جي بٺي تي مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهي ……

ڳوٺاڻن پتاشو سولنگي ۽ محمد اعظم سولنگي ٻڌايو ته پنجن پيڙھين کان پ پ جا ووٽر آھيون پر مسلسل اسان جي ڳوٺ کي نظر انداز ڪيو ويو آهي………..

ھنن سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ کي فوري طور تي اسڪول، صحت مرڪز ۽ روڊ رستا ڏنا وڃن

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات نائين وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-02-20

نواز شريف پارليامينيٽ کي عدليا خلاف استعمال ڪري رهيو آهي: عمران خان سنڌ حڪومت پي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے