20 سومر , آگسٽ 2018

فيس بڪ جي هڪ سال جي ڪمائي 16 ارب ڊالر

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا جي مشهور ويب سائيت فيس بڪ 2017 ۾ اضافي ٽيڪس ۽ نون ملازمن جي ڀرتي باوجود به 16 ارب ڊالر جو منافو ڪمايو آهي. جڏهن ته سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ گذريل سال اضافي ٽيڪسن ۽ نون ملازمن جي ڀرتي باوجود به تقريبن 16 ارب ڊالر جو منافو ڪمايو جيڪو 2016 جي مقابلي ۾ 56 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اي ايف پي جي رپورٽ موجب 2017 جي صرف آخر ۾ فييس بڪ جو منافو 20 سيڪڙو اضافي سان گڏ 4.3 ارب ڊالر يعني 3.4 ارب يورو جي برابر رهيو. جڏهن ته مجموعي طور تي ڪل آمدني تمام خرچ ڪڍڻ کان پوءِ گذريل سال 16 ارب ڊالر ڪمائي وئي جيڪا نج منافو ۽ 2016 جي مقابلي ۾ 56 سيڪڙو وڌيڪ آهي. فيس بڪ ڪمپني جي مالڪ مارڪ زڪر برگ چيو آهي ته 2017 ۾ ڪمپني جي سالانو خرچ جي ماليت 2016 جي مقابلي ۾ 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Due to the destruction of smartphone and tablet light blue eyesight eyes

سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ جي نيري روشني اکين نقصانڪار

اوهايو(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ جي نيري روشني کي اکن لاءِ نقصانڪار قرار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے