16 خميس , آگسٽ 2018

ميان نواز شريف جي ڪراچي ياترا

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي آئين ۽ قانون موجب هلڻ گهرجي. ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته پاڪستان ۾ انصاف جو مان مٿانهون هئڻ گهرجي ۽ نوجوانن کي روزگار ملڻ گهرجي. هن چيو ته پهريون مون کي ڪڍڻ جو سبب ٻڌايو وڃي پوءِ نااهلي جو مدو طئي ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته قوم مون کي تاحيات نااهل قرار ڏيڻ جي فيصلي کي قبول نه ڪندي. نواز شريف چيو ته پنهنجي اڌ کان وڌيڪ زندگي عوام جي خدمت ۾ گذاري آهي، سياست جي چڱي نموني خبر آهي. هن چيو ته حيدرآباد کان سکر تائين موٽروي به جلد تعمير ڪئي ويندي.

هن چيو ته 2013ع ۽ 2017ع جي ڪراچي جو فرق سڀني سامهون آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ جون روشنيون ۽ خوشيون واپس اچي ويون آهن. نواز شريف چيو ته ڪراچيءَ کي ترقي ڪندڙ شهر هئڻ گهرجي ها، هر طرف گند جا ڍير لڳل آهن. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، هر شيءَ خراب پيل آهي، شهر کي لاهور وانگر هئڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ تمام گهڻي غربت آهي تعليم ناهي، جيڪڏهن کيس موقعو مليو ته ڪراچي شهر کي دنيا ڏسندي. نواز شريف چيو ته جيڪڏهن هو ڪو واعدو ڪندو آهي ته پورو ڪندو آهي، لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ اڄ سڄي ملڪ ۾ بجلي فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ بجلي جا ڪيترائي ڪارخانا لڳي رهيا آهن ماڻهن کي روزگار ملي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته پورٽ قاسم ۾ تمام وڏو پروجيڪٽ شروع ٿي ويو آهي. نواز شريف چيو ته 2018ع ۾ جيڪڏهن کيس موقعو مليو ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ کي تبديل ڪيو ويندو.

ميان صاحب عدالت پاران نااهل ٿيڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ آيو آهي. هن سنڌ ۽ پنجاب ۽ خاص ڪري ٻنهي صوبن جي راڄڌاني وارن شهرن ۾ ترقي جا فرق پيش ڪيا آهن. ان سلسلي ۾ موصوف کي وفاق پاران سنڌ کي ملندڙ وسيلن جي باري ۾ جنهن گوٿناٿ کان ڪم ورتو ويو آهي ان ۾ موصوف جون پنهنجون پارٽي حڪومتون به ايترو ئي شمار ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري ڏوهه ورهائي اڌو اڌ ڪرڻ سان سندس انصاف ڀرئي موقف جو وزن وڌيڪ محسوس ڪري سگهبو.

جمعو 2 فيبروري  2018ع، 15 جمادي الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جا انتهائي اثر

سنڌ هونئن ئي گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيندي رهي آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے