19 پیر , فروری 2018

رپورٽ | MCHIP جي پڃاڻي تقريب

عالمي اداري  يو ايس  ايڊ جي سهڪار سان  ٻارن ۽ عورت جي صحت بابت هلندر پروگرام MCHIP   جي پڄاري تقريب جناح اسپتال ڪراچي ۾ ٿي ، جنهن ۾ سول سوسائيٽي  سميت مختلف سماجي ۽ سرڪاري شخصيتن شرڪت ڪئي .

MCHIP سنڌ ۾ مائرن ۽ نون ڄاول ٻارڙن جي زندگي بچائڻ ۾ هڪ بهترين قدم کنيو آهي، جنهن فيبروري 2013 کان سنڌ جي 16 ضلعن ۾ ڪم جي شروعات  ڪي ، هاڻ هي پروگرام پنهنجي پڄاڻي تي پهچي پنهنجي پٺيان هڪ هزار پرائمري هيلٿ فيسلٽيز ۽ 37 سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن ۾ بهتر ميٽرنل ۽ چائلڊ هيلٿ سروس ڇڏي رهيو آهي.

MCHIP،  پهريان کان موجود هيلٿ ڪيئر نظام کي مضبوط ڪيو، جن ۾ بنيادي صحت جو مرڪز ، رورل هيلٿ سينٽرز، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتالون،  تعلقي  هيڊڪوارٽر اسپتالون ۽ مختلف خانگي ڪلينڪون شامل آهن.

 جيڪي سهولتون انهن اداران کي ڏنيون ويون ان ۾ MNCH،  جي سروس لاءِ گھربل تعميرات ۽ جڳهه جي مرمت شامل آهي ته جيئن معيار کي بهتر کان بهترين بڻايو وڃي. MCHIP

،ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هيلٿ ڪيئر اسٽاف جي ڄاڻ ۽ صلاحيتن کي وڌايو وڃي جنهن لاءِ مختلف ضلعن ۽ تعليمي ادارن ۾ تربيتي ورڪ شاپ ۽ سيمنار شروع ڪرايا . جنهن ۾ 35000 ڪلينڪل ۽ نان ڪلينيڪل اسٽاف جي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٽرينگ ڏنيون. ان کان علاوه حمل وارين عورتن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪيون  ۽ فيملي پلاننگ ۽ وقفي جي مثبت وقت جي آگاهي لاءِ ڪم ڪيو ويو.

MCHIP پروجيڪٽ دوران اٽڪل 50 لک عورتون 15 ضلعن ۾ صحت جي سهولتن مان مستفيد ٿيون ۽ ويم دوران گھربل سهولتن جو تعداد 67 سيڪڙو رهيو ۽ پوسٽ “مارٽيم هيموريج” کان بچڻ لاءِ 80 هزار “مائزو پروسٽول”  تجويز ۽ ورهايو ويو . ان هلندڙ 260،000 “ڪلوروهيڪزاڊائن ٽيوبز” نون ڄاول ٻارن ۾ انفيڪشن کان بچڻ لاءِ تقسيم ڪيون ويون.

ٻارن ۾ موت جو شرح ساھ ۾ تڪليف سبب آهي، ان لاءِ MCHIP ساھ جي تڪليف دور ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا.

صحت کاتي جي EPI پروگرام سان گڏجي MCHIP هڪ رجسٽري قائم ڪئي جنهن ۾ هر هڪ فرد جو تفصيل، SMS ذريعي يادگيريون موڪلڻ شامل آهن جنهن کي 8 ضلعن تائين پهيلايو ويو.

MCHIP

،  پروگرام کي بهتر طور تي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۽ مستقل طور هن پروگرام جي هلڻ ۾ پاپيوليشن ويلفيئر ڊيپارٽمينٽ ۽ ٻين سرڪاري ادارن جيڪا هٿي ڏني،

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات ڏهين وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-02-19

چونڊيل نمائندن کي چور،  ڌاڙيل  ته ڪڏهن گاڊ فادر چيو  وڃي ٿو : وزيراعظم ادارا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے