18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

رپورٽ | ميرهزار خان بجاراڻيءَ جي سياسيءَ ۽ ڪيريئر

سنڌ جي نامياري سياسي اڳواڻ مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهر واريءَ جي مرتئي تي سندس علائقي جي عوام سميت سڄي سنڌ سوڳوار ٿي وئي آهي،

پيش آهي ميرهزار خان بجاراڻيءَ جي سياسيءَ ۽ ڪيريئر متعلق هي رپورٽ………

ميرهزار خان بجاراڻيءَ جو 10- جولاءِ 1946ع تي بجاراڻي خاندان ۾ جنم ٿيو، سندس گهراڻو بجاراڻي برادريءَ جي سرداري خاندان طور سڃاتو وڃي ٿو،

مير هزار خان بجاراڻي نيشنل ڪاليج ڪراچيءَ مان بيچلرز ڪرڻ بعد پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي، بعد ۾ هُن سنڌ مسلم لا ڪاليج مان وڪالت جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي.

ميرهزار خان بجاراڻي مختلف وقتن تي قومي اسمبليءَ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي، جڏهن ته 1974ع کان 1977ع تائين سنڌ اسميبليءَ جو ميمبر پڻ رهيو،

مير هزار خان بجاراڻي 1988ع ۾ سينيٽر پڻ رهي چڪو آهي،  جڏهن ته 1990ع ۾ پهريون  دفعو جيڪب آباد مان اين اي 157 تي قومي اسمبليءَ جو ميمبر پڻ چونڊجي چڪو آهي ۽ 2002ع 2008ع تائين ايم اين اي رهيو،

مير هزار خان بجاراڻي پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين سنڌ حڪومت ۾ پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ جو وزير رهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tando Allahyar: unknown youth violence targeted body

نيوز: ٽنڊو الهيار: اڻڄاتل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

 ٽنڊي الهيار ۾ اڻڄاتل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو. طالب الموليٰ ڪالوني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے