19 پیر , فروری 2018

حملن جو اختيار، پاڪستان عالمي طاقت جي مداخلت ڪيئن روڪيندو؟

تجزيو: پاڪستان ۽ افغانستان ۾ دهشتگردن جي مبينا ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آمريڪي فيلڊ ڪمانڊرن کي ڏنل حملن جي اختيارن کي ڪيترائي پاڪستاني حلقا اسلام آباد کي دٻاءَ ۾ رکڻ لاءِ نئين آمريڪي طريقي ڪار طور ڏسي رهيا آهن. اهو پهريون ڀيرو آهي جو واشنگٽن  حڪومت طرفان اهڙي قسم جو اعلان سامهون آيو آهي. آمريڪا طالبان خلاف ڊرون جهازن جو استعمال ڪندو رهيو آهي پر اهو پهريون ڀيرو آهي ته ٽرمپ انتظاميا ان ڳالهه جو اشارو ڏنو آهي ته واشنگٽن جي عسڪري فيلڊ ڪمانڊرن کي پاڪستان اندر دهشتگردن جون مبينا محفوظ پناهه گاهون ختم ڪرڻ جو اختيار به ڏنو ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪيترائي حلقا ان اعلان کي واشنگٽن طرفان دٻاءُ وجهڻ جو نئون طريقي ڪار قرار ڏئي رهيا آهن پر ڪجهه تجزئي نگارن جو خيال آهي ته اسلام آباد ان آمريڪي اعلان تي سنجيدگيءَ سان غور ڪري. بچاءَ واري تجزئي نگار جنرل رٽائرڊ امجد شعيب موجب ان اعلان جو مقصد پاڪستان تي دٻاءُ وڌائڻ آهي. هڪ خابرو اداري سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڳ ۾ انهن ڀارت جي چوڻ تي اسان جي امداد بند ڪئي، پوءِ اسان جي جوهري هٿيارن جي حوالي سان پروپئگنڊا ڪئي ۽ هاڻ اسان تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ فيلڊ ڪمانڊرن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اهو ممڪن آهي ته اهي (آمريڪي) پاڪستاني سرحد اندر سئو کان ٻه سئو گزن تائين اچي وڃن ۽ ڪنهن ٽارگيٽ خلاف ڪارروائي ڪن پر اهڙين ڪاررواين کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي، پاڪستان به اهڙيون ڪارروايون ڪيون آهن پر جيڪڏهن هنن باقاعدي طور پاڪستاني علائقي ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته سخت مزاحمت ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان تي دٻاءُ رڳو طالبان جي ڪري نه پيو وڌو وڃي پر حقيقي مسئلو اهو آهي ته هاڻ آمريڪا باقاعدي طور چين کي پنهنجو دشمن قرار ڏنو آهي، جڏهن ته پاڪستان چين سان گڏجي سي پيڪ منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي، اها اڳڀرائي آمريڪي رٿابندي جي ابتڙ آهي. پاڪستان کي هاڻ اهو سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته آمريڪا نه ان جو اتحادي آهي ۽ نه وري دوست، منهنجي خيال ۾ اسلام آباد هاڻ واشنگٽن کي پنهنجو دشمن ئي سمجهي. هوڏانهن ڪجهه تجزئي نگارن جي خيال ۾ اها مزاحمت سولي نه هوندي. پريسٽن يونيورسٽي جي عالمي لاڳاپن واري شعبي سان سلهاڙيل ڊاڪٽر امان ميمڻ جو چوڻ هو ته پاڪستان طرفان اهڙي مزاحمت جنگ جي اعلان برابر هوندي. سندس موجب آمريڪا هڪ عالمي طاقت آهي، جيڪڏهن هن واقعي ۾ سرحد پار ڪئي ۽ پاڪستان ۾ داخل ٿيو ته اسلام آباد لاءِ اهو ڏکيو هوندو ته اهڙي مداخلت کي ڪيئن روڪي، اهو ممڪن آهي ته آمريڪا جو مقصد رڳو دٻاءُ هجي پر پوءِ به پاڪستان انهن ڳالهين کي سنجيدگيءَ سان وٺي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايون فيلڊ ريفرنس: نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم جو سربراهه لنڊن روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف ايون فيلڊ پراپرٽيز ريفرنس ۾ شاهدن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے