25 سومر , جون 2018

نوجوان گيم کيڏندي گُهمڻ  ڦِرڻ جي سگهه وڃائي ويٺو: ويڊيو ڏسو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) اڄڪلهه نوجوانن کي گيم کيڏڻ جو ايترو ته شوق ٿي ويو آهي جو اهي پنهنجو نقصان ٿيڻ باوجود به گيم کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن، اهڙو ئي هڪ مثال چائنا جي نوجوان جو آهي، جنهن طرفان لاڳيتو 20 ڪلاڪ گيم کيڏڻ کانپوءِ سندس جسم جي هيٺئين حصي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. چائنيز ڇوڪرو انٽرنيٽ ڪيفي اندر گيم کيڏي رهيو هو ۽ لاڳيتو 20 ڪلاڪ گيم کيڏڻ کانپوءِ جڏهن واش روم وڃڻ لاءِ اٿيو ته کيس اندازو ٿيو ته سندس جسم جو هيٺيون حصو ڪم ڇڏي ويو آهي، ان موقعي تي ساڻس گڏ ويٺل دوست اهڙي صورتحال ڏسي ايمبولينس گهرائي ورتي، متاثر نوجوان جي دماغ تي گيم ايتري ته حاوي ٿي چڪي هئي جو هو ايمبولينس ۾ اسپتال وڃڻ دوران به هو دوستن کي رڙيون ڪري چئي رهيو هو ته راند جاري رکان. واضح رهي ته چائنا ۾ نوجوانن جو گيمز ڏانهن رجحان ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جنهن سبب سندن والدين ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو چائنيز انٽرنيٽ ڪمپني انتظاميا نوجوانن لاءِ گيم جو دورانيو گهٽائڻ تي غور شروع ڪيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

انسانن وانگر وهنجندڙ ڪوئي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، ويڊيو ڏسو

ليما (ويب ڊيسڪ) توهان انسانن کي وهنجندي ته ڏٺو هوندو پر جيڪڏهن اسان سوال ڪيون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے