17 جمعو , آگسٽ 2018

ڪتاب اسان جا دوست آهن: رکيل مورائي

سائين ايم-ايڇ پنهور جو هڪ اهم ڪتاب

سنڌ شناسي

نه رڳو سنڌ جي تاريخ جي سائنسي تحقيق پر ٻين موضوعن بابت ۽ خاص ڪري ايريگيشن ۽ زمين اندر پاڻيءَ جي صورتحال بابت جيترو سنڌين مان اسان جي مانواري سائين، ايم ايڇ پنهور لکيو آهي، اهو ڀل گهڻو نه به هجي پر اعتماد وارو آهي، ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن.

پنهور صاحب نه رڳو سنڌ جي ايريگيشن جي حوالي ۾ لکيو آهي پر هن عملي طور زراعت ۾ جيڪي سائنسي تجربا ڪيا ۽ انهن تجربن جيڪي نتيجا ڏنا آهن اهي سندس فارم ڏسي محسوس ڪري سگهجن ٿا. هن ايريگيشن جي ڇهه هزار سالن جي تاريخ تي هڪ اهم ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيو ۽ ترجمي جي صورت ۾ اڄ اهو پڻ سنڌي ماڻهن جي مطالعي جي هيٺ آهي، ان بعد سندس هڪ ڪتاب، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي سنڌ سان تعلق بابت آهي، جيڪو اسان جي هڪ وطن دوست عالم ۽ تاريخدان ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب ايڊٽ ڪري سنڌيءَ ۾ شايع ڪرايو آهي. لاکي صاحب تازو جيڪو بيحد ساراهڻ جهڙو ڪم ڪيو آهي، اهو ان ڪتاب جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي، جنهن ڪتاب جو نالو ‘‘سنڌ شناسي’’ آهي.

هيءَ ڪتاب غالبن انهن مقالن ۽ مضمونن تقريرن ۽ انٽرويوز تي ٻڌل آهي جيڪي پنهور صاحب الڳ الڳ وقتن تي لکيا، پڙهيا ۽ ڳالهايا الڳ الڳ هنڌن تي ڇپبا رهيا، انهن سڀني کي گڏي اڄ جڏهن ڪتابي صورت هڪ دستاويز اسان پڙهندڙن جي هٿ ۾ آيو آهي ته سنڌي شناسيءَ جي حوالي ۾ هن دور توڻي ايندڙ دور جي تاريخ لکندڙن ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ حوالائي ڪتاب موجود ٿي پيو آهي، جنهن لاءِ ڪنهن به طرح سائين ڊاڪٽر غلام محمد لاکو صاحب ساراهه لهڻي.

مقالن، مضمونن، تقريرن ۽ انٽرويز تي ٻڌل هي ڪتاب پڙهندرن جي آساني لاءِ خاص طور موضوعاتي ترتيب هيٺ آيل آهي، جنهن کي ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. ان مان اهو فائدو ٿيندو ته پڙهندڙ ڪنهن به ٽڪڙي حوالي لاءِ پنهنجي موضوع واري ڀاڱي جو مطالعو ڪري، ان مان ڪجهه به حاصل ڪري سگهي ٿو. ترتيب سان هن سنڌ جي گهڻن ئي حوالن ۾ شناسي ڏيندڙ ڪتاب جا ڀاڱا هيءُ آهن.

(1) سنڌ جي تاريخ ۽ قديم آثار

(2) تاريخ، جاگرافي، سماج ۽ اقتصاديات

(3) شخصيتون ۽ تقريرون

(4) ڪتابن تي لکيل مهاڳ ۽ تبصرا

(5) سنڌو درياهه، پاڻي، ٻوڏون

(6) انٽرويوز

مٿين عنوائن مان ئي ظاهر ٿي رهيو آهي ته هيءَ ڪتاب هڪ ئي وقت تاريخ ۽ تحقيق، توڻي ادب جا الڳ الڳ موضوع پاڻ ۾ سمائي بيٺو آهي ۽ هر موضوع تي ممڪن حد تائين پنهور صاحب انگن اکرن سان ۽ سائنسي نقطي ۽ نگاهه کان لکيو آهي، اهڙي محنت جي شاهدي ڪتاب جا ليک پاڻ ڏيئي رهيا آهن

ڪنهن ليک سان، سانڪو به عالم، اسڪالر علمي ۽ تاريخي حوالي ۾ اختلاف ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته تحقيق رڪجندڙ شيءِ نه آهي، جنهن دور ۽ جيتري جذبي سان پنهور صاحب ڪم ڪيو ۽ جتي هن پنهنجو ڪم ڇڏيو يا عمر کيس ساٿ نه ڏنو، اتان کان اڄ جي نوجوان محقق کي شروعات ڪرڻ گهرجي ۽ پڪ سان اڳتي هلي ٿيندڙ هنن موضوعن بابت تحقيق اهو ٻڌائيندي ته ان جي شروعات پنهور صاحب ڪئي هئي. ارتقا رڪجڻ واري نه آهي، اميد آهي ته سنڌ جي تاريخ تي اسان جا نوجوان وڌيڪ سچيت پائيءَ سان ڪم ڪندا.

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب پنهنجي لکڻ جو ڪم پاسيرو ڪري هڪي ٻئي عالم جو ڪيل ڪم سهيڙي، ان ڳالهه جو به رواج وڌو آهي ته سنڌ جي تاريخ تي اصلي ۽ محنت سان ڪيل تحقيق کي سهيڙڻ گهرجي، ڀل اها تحقيق ڪنهن به اسڪالر ڪئي هجي، سچ پچ لاکي صاحب جي اها ذهني ۽ دلي وڏائي آهي ان ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن، هن پنهنجي تفصيلي مهاڳ ۾ ڪتاب جو سڄو وچور ڏنو آهي، جيڪو پڻ هڪ عالماڻو مهاڳ آهي ۽ ڪتاب جون سموريون وضاحتون ڏئي ٿو.

ڪنهن به طرح سنڌ جي حوالي ۾ هيءُ ڪتاب نهايت ئي اهم ڪتاب آهي، جيڪو اسان جي اڄ جي عالمن ۽ محققن کي گهڻو ئي مواد ڏيندو، پڙهڻ ۽ پرائڻ جهڙو هيءُ ڪتاب جنهن جو نالو ‘‘سنڌ شناسي’’ آهي. ايم ايڇ پنهور صاحب جي ڪتابن ۾ هڪ اهم واڌارو آهي، جيڪو هن سنڌ بابت سنڌي پڙهندرن لاءِ ڪيو آهي. سنڌي پڙهندڙ سندس هيءَ پورهيو به اڳين ڪتابن جيئن سيني سان سانڍيندا اهڙي پڪ آهي.

ڊيلڪس سائيز واري هن سنڌي شناسيءَ بابت اهم ڪتاب ۾ ڇهه سئو چار صفحا آهن. پڪي جلد ۽ وڻندڙ ٽائيٽل واري هن تاريخي ڪتاب جو ملهه هڪ هزار روپيا آهي ۽ هن ڪتاب کي سهڻو ڪري ڇاپيو آهي. اسانجي مان واري اداري پيڪاڪ پرنٽرس اينڊ پبلشرس سنڌ.

پڪ سان ادارو تعريف لهڻي، ايم ايڇ پنهور ٽرسٽ جي سهڪار سان هڪ اهم ڪتاب سنڌي پرهندڙن لاءِ ميسر ڪري ڏيڻ لاءِ. سائين  پنهور صاحب جو فرزند ۽ اسانجو دوست سني حسين پنهور پڻ تعريف لهني، جنهن پنهنجي بابا ۽ سنڌ جي هڪ وڏي اسڪالر جو رهجي ويل ڪم سهيڙڻ جو سانگ ڪيو آهي.

سنڌي ڪهاڻيءَ کي محفوظ ڪندڙ  ڪتاب

سئو سالن جون چونڊ سنڌي ڪهاڻيون

ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب ۾، خاص طور تخليقي ادب ۾ جيڪا سنڌي هندو اديبن جا هلئي وڃڻ کانپوءِ ماٺار آئي، اها جلد ئي اسان جي هت رهجي ويل مانوارن اديبن، شاعرن، تاريخدانن ۾ محققن ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

نه وسارڻ گهرجي ته ان سموري ادب کي، ڪن نجي ادبي ۽ علمي ادارن به مٿي کڻي ورتو، پر ورهاڱي کان ڪجهه اڳ ۽ ورهاڱي کانپوءِ اڄ تائين اسان جي قومي اداري سنڌي ادبي بورڊ جيڪو ڪردار ڪيو ان کي وساري نه سگهبو، پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ته اسان جي ڪن مانوارن عالمن ۽ اديبن پنهنجي طور ايترو ڪم ڪيو آهي جو هوند ادارا به انهن سان ريس ڪن!

ڪيئن به ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب ۾ مختلف حوالن سان جيڪو ڪم هند ۾ لڏي ويندڙ اديبن ڪيو آهي، ان جو اڃا تصوير به سنڌ ۾ پيدا نه ٿيو آهي، ويجهن ڏهاڪوکن سالن ۾ هند ۾ جيڪو ترتيب جي حوالي ۾ ڪم ٿيو آهي، سنڌي جي علمي ۽ ادبي ادارن کي ان جهڙو ۽ ان جيترو ڪم ڪرڻ لاءِ اڌ صديءَ جو ٻيو به وقت گهرجي، جيتوڻيڪ ڪروڙين روپين جي بجيٽ استعمال ڪندڙ اسانجا ادارا به اهڙو ڪم ڪرڻ کان قاصر رهيا آهن، جهڙو هند جي سنڌي اديبن لکن جي بجيٽ ۾ سرڪاري ادارن کي ڪري ڏنو آهي.

هيءَ ڪجهه لکندي وري به سنڌي ادبي بورڊ ڏانهن ڌيان وڃي ٿو ته ان ڪي خاص پرچا مهراڻ جا ضرور شايع ڪيا آهن جيڪي ڳڻائڻ جهڙا آهن پر هاڻي پهريون ڀيرو آهي، جو سنڌالاجي جهڙي اسانجي اهم اداري پنهنجي نيم کان هٽي سنڌي ڪهاڻيءَ جي هڪ چونڊ شايع ڪرائي آهي.

يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اسي واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ڪهاڻين جي ڳڻپ تي ٻڌل هڪ اهم ڪتاب فيروز ميمڻ صاحب ڇپايو هئو ۽ ويجهڙ ۾ ادل سومري صاحب جي مرتبيءَ هيٺ هڪ ڪهاڻين جو گڏيل ڪتاب اڪيڊمي آف ليٽرس پاڪستان پاران پڻ ڇپايو ويو آهي، ڪن شخصن ۽ ڪن ٻين ادارن ننڍي ننڍي دائري ۾ ضروري ڪي گڏيل ڪتاب آندا آهن، پر انهن مان ڪوبه اهڙو ڪتاب نه آهي، جنهن کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي هڪ صديءَ جون چونڊ ڪهاڻيون ڪوٺي سگهجي.

‘حر مکي جا’ جا اڻيهه سئو چوڏهن ڌاري لکي وئي ۽ ٻه هزار چوڏهن تائين ايندي. سنڌيءَ ۾ ڪهاڻيون لکندڙن جو ۽ سٺين ڪهاڻين جو انگ جهجهو ئي ٿي ويو آهي، جنهن انگ ڏانهن نه وڃي ٻه هزار چوڏهن تائين سنڌيءَ مان چونڊ هڪ سئو ڪهاڻيون اسان جي سنڌي ڪهاڻيءَ جي هڪ آبرودار نالي، شوڪت حسين شوري صاحب سهيڙي سنڌالاجي جي ان رٿا جي پوئيواري ڪئي آهي، جيڪا رٿا ته سندس ئي هئي پر اها عمل ۾ اسان جي آبرودار اداري سنڌالاجيءَ آندي آهي ۽ جنهن رٿا جو پهريون حصو پنجاهه ڪهاڻين جي هڪ جلد ۾ تازو ئي پڌرو ويو ڪيو آهي.

‘‘هڪ سئو سالن جون چونڊ سنڌي ڪهاڻيون’’ جي سري هيٺ آيل هي ڪتاب جو پهريون حصو آهي ۽ ان جو ٻيون حصو اڃا اچڻو آهي. ائين سنڌي ڪهاڻين مان هڪ صديءَ جون چونڊ ڪهاڻيون ٻن جلد جي ڪتاب ۾ محفوظ ٿي وينديون.

منهنجو اعتماد سان اهو چوڻ آهي ته ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻين جي چونڊ تي ٻڌل هي پهريون ڪتاب آهي، ممڪن آهي اسان جا اهي مانوارا ڪهاڻيڪار جيڪي هن چونڊ ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي وڃن. انهن پاران اهڙو ردعمل به سامهون اچي ته چونڊ ٺيڪ نه آهي، پرمان ان رد عمل کي ٺيڪ نه سمجهندس، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اعليٰ ڪهاڻيڪار به هڪ سئو کان وڌيڪ آهن ته اعليٰ ڪهاڻيون به هڪ سئو کان وڌيڪ آهن، ايئن انهن سڀني ڪهاڻيڪارن ۽ سڀني ڪهاڻين جي نالن جي نالن جي فهرست ئي ايترا صفحا ولاريندي جيترا صفحا هيءُ ٻن جلد جو سنڌي ڪهاڻين جي چونڊ تي ٻڌل ڪتاب ولاريندو. ان ڪري هن ڪتاب کي هر طرح چونڊ قبول ڪرڻ گهرجي.

ٻي ڳالهه ته ڪنهن به چونڊ ڪندڙ جي ويچارن سان سهمت نه هوندي به ان کي پنهنجي ويچار موجب چونڊ ڪرڻ جو حق آهي ۽ اهو ان کي ڏيڻ لاءِ اسان سڀني کي پابند هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهڙو حق اسان پاڻ لاءِ به چاهيندا به آهيون ته گهر نيا به آهيون. ڪنهن به مرتب جي پنهنجي پسند جو جائز حق هن جو بنيادي حق آهي. ائين هن ڪتاب سهيڙڻ وقت اها پسند پڪ سان اسان جي مانواري مرتب شوڪت حسين شوري جي آڏو پڻ هوندي، جنهن هيٺ هن هيءُ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي. ڪهاڻين جي چونڊ ويچار مرتب پاران پنهنجي مهاڳ ۾ ڄاڻايل آهن ۽ اهي ٺيڪ ئي سمجهڻ گهرجن، جنهن لاءِ مون وٽ پهريون ۽ اول سبب اهو آهي ته هيءَ پهرين ڪوشش آهي سنڌي ڪهاڻيءَ جي سفر بابت، جيڪا ڪنهن به طرح هڪ اهم چونڊ به آهي ۽ پهرين چونڊ به آهي، ان قسم جي ‘‘چونڊ’’ سنڌي ادب جي ٻين صنفن جي حوالي ۾ به اچڻ گهرجي.

ائين اسان کي اڳتي هلي ڪنهن به تفصيلي اڀياس يا تخليقي صفحن بابت ڪجهه به لکڻ لاءِ مواد ملي ويندو. هن چونڊ لاءِ ڀاءُ شوڪت حسين شورو ۽ سنڌالاجيءَ جو موجوده اڳواڻ اسان جو دوست ڊاڪٽر اسحاق سميجو ڪنهن به طرح گهڻي گهڻي احترام ۽ تعريف لهڻين. ۽ هاڻ هڪ اهم ڳالهه

هن چونڊ جي گهڻي ساراهه ۽ خوشي ڏيندڙ حوالي کان پوءِ هڪ ننڍڙي وضاحت ڏيڻ ضروري ٿي پئي آهي، ان جي جيتوڻيڪ ضرورت ان ڪري آهي ته جيئن تاريخ درست رهي ۽ اسان جا سرڪاري علمي ادبي ادارا تخليقي ادب بابت ڪي نيون رٿائون پاڻ مرادون به جوڙي سگهن، جيڪو عمل سنڌ ۾ گهٽ ٿيو آهي، ائين هيءَ چونڊ ۽ ان جي بنياد جا سبب ڪتاب جي پبلشر پاران جيئن ڏنا ويا آهن، ان کان اڳ ڪجهه ٻيءَ طرح به آهي.

ڪتاب جي پبلشر نوٽ جي پهريئن پيرا ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ‘‘سنڌي ڪهاڻيءَ جي سئو سالا جشن، جي سلسلي ۾ جنوري 2015  ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان انيس انصاري اڪيڊميءَ جي ‘سهڪار’ سان، ‘‘سنڌي ڪهاڻيءَ جي هڪ صدي’’ جي عنوان سان هڪ تاريخي ادبي سيمينار منعقد ڪيو ويو هو، جيتوڻيڪ ان جو ڪجهه تفصيل هيئن آهي

ٻه هزار چوڏهن جي جنوريءَ جي ڪنهن شام جو ڪراچيءَ جوڙيل انيس انصاري اڪيڊميءَ جي آفيس ۾ اسان انهن ليکڪن/دوستن جيڪي انيس انصاري اڪيڊميءَ سان جڙيل آهيون، اها آئيڊيل بحث هيٺ آندي هئي ته ٻه هزار چوڏهن جيئن ته سنڌي ڪهاڻيءَ جي سئو سالا جنم جو سال آهي ان ڪري هن سال کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي صديءَ جو سال ڪري ملهائجي ۽ ٻئي ڏينهن اهڙو اعلان سنڌي جي ناليواري اخبار ‘‘عوامي آواز’’ ۾ ڇاپي هيٺ آيو ۽ پوءِ ڪهاڻيءَ جي حوالي سان ڪيئي ڪانفرنسون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ انس انصاري اڪيڊميءَ جي فورم تان مختلف ادارن جي سهڪار سان ڪوٺايون ويون، جن مان هڪ ڪانفرنس سنڌالاجيءَ ۾ پڻ ڪئي وئي، جيڪا هن اڪيڊميءَ جي پاران رٿيل هئي ۽ سهڪاري سنڌالاجيءَ هئي ان ڳالهه جي بنهه ابتڙ ته سنڌالاجيءَ پاران ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، انيس انصاري اڪيڊميءَ جي سهڪار سان ان ڪانفرس جي بينر کي هڪ ڀيرو وري پڙهي سگهجي ٿو.

ڪيئن به سنڌالاجيءَ ان آئيڊيا تي هڪ اهڙو ڪم ڪيو آهي، جنهن جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ ٿيندي. هن ڪتاب ۾ سنڌي ڪهاڻي لکڻ وارن جا سڀ نسل ۽ انهن جا عيوضي شامل آهن، جيئن ته هي اڌ ڪم آهي، ان ڪري هن لکڻيءَ کي به اڻ پوري ئي سمجهي پڙهڻ گهرجي، پنجاهه ڪهاڻين تي ٻڌل هن اهم ڪتاب ۾ پنج سئو اٺ صفحا آهن، اڇي پني تي پڪي جلد سان، وڻندڙ ٽائيٽل واري ڪتاب جو ملهه سوا ست سئو رپيا آهي ۽ ڪنهن به طرح سانڍڻ جهڙو ڪتاب آهي. سنڌالاجي تعريف لهڻي ۽ بس

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

نانيءَ جو رتبو ۽ ٻاجهارو ڪردار

عابده گهانگهرو اڪبر جسڪاڻي جي ڪتاب “ بتين واري ناني” سندس زندگيءَ جي يا ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے