22 منگل , مئی 2018

انجم قاضيءَ جو شاعراڻو ڪتاب اوجاڳن جا عڪس:ادل سولنگي

شاعريءَ جي دنيا احساساتي دنيا آهي، جتي لفطن ۾ معنائن جو روح ڦوڪي، احساسن کي جنم ڏنو ويندو آهي، اهي احساس جيڪي سماجي وارتائن جي ڪُک مان ڦٽن ٿا ۽ پنهنجي ليکي، روئاريندڙ ۽ کلائيندڙ منظر ڏيکاريندڙ رهيا آهن، اهڙن منظرن کي شاعريءَ جي ڪنهن به صنف جي روپ ۾ ظاهر/پڌرو ڪندي، انجم قاضي ڪنهن ماهر ڪاريگر جيان پنهنجي ڪرت مان واقف هوندي مطمئن نظر اچي ٿو. انجم قاضي وٽ شاعراڻو ورثو به آهي ته شاعريءَ جي فني فڪري گهرجن جو ادراڪ پڻ تڏهن ئي انجم قاضي شاعريءَ جي دنيا ۾ ٻه وکون اڳتي کڻي سگهيو آهي، مسلسل شاعراڻو پنڌ ڪرڻ سان هو شاعريءَ جي رندن ۽ پنڌن کان واقف ٿي رهيو آهي، سندس اندر ۾ تخليقي اظهار جون ڪيتريون ئي خوبصورت ڪٿائون/ڪوتائون آهن، جيڪي ڌرتي جي کليل فضائن ۾ اڏامڻ جو ساهس رکن ٿيون ۽ انجم قاضي جي قلم جي نوڪ سان پنهنجي اڏار لاءِ پاڻ پتوڙي وشال آڪاش جي پولارن ڏانهن وڃي چاهين ٿيون، شاعري لفظن جي سٽاءَ سان انساني اندر جي وارتائن کي بيان ڪرڻ جو نالو آهي. شاعري جڏهن ڪنهن وينگس جي جوڀن جو روپ وٺي ٿي، تڏهن سندس واٽن تي ڄڻ ته مينديءَ جا کيت کڙي ٿا پون، ۽ ڪيترائي ڳڀرو ان وينگس جي نيڻن ۾ پنهنجي ڪاڪ محل جڙندي محسوس ڪندا آهن. انجم قاضيءَ جي شاعراڻي ڪاڪ محل ۾ ڪاڪ ندي به آهي ته ڪاڪ ڪنڌيءَ تي يادن ۽ وارتائن جون ڪيتريون ئي ڄاتل اڄاتل قبرون به آهن، مومل جو مجاز به آهي، ته راڻي جا رسابا به آهن. رسڻ ۽ پرچڻ، وڇڙڻ ۽ ملڻ، ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ، روئڻ ۽ مرڪڻ به شاعريءَ جا موضوع ۽ مُحرڪ رهيا آهن جنهن سان شاعراڻن جذبن جي نئين ترتيب ۽ اُڻت ٿيندي آهي. انجم قاضي ادبي دنيا ۾ هڪڙو مڃيل نالو ۽ حوالو بڻجي اڀريو آهي، سندس پهريون شاعريءَ جو ڪتاب ‘‘ڳوڙهو ڳوڙهو سوڳ ۾’’ ۽ هي ٻيو ڪتاب ‘‘او جاڳن جا عڪس’’ سنڌي ادب جي شاعراڻي ڀاڱي ۾ اهم لکيو ويندو . ڇاڪاڻ جو هن وٽ نه رڳو قافين، رديفن جي نواڻ آهي پر هن وٽ موضوعن ۽ موضوعن کي اظهارڻ جي نواڻ به آهي، اها شاعراڻي نواڻ ئي ڪنهن شاعر جي نئين نرالي، منفرد هجڻ واري عمل کي سگهارو بڻائيندي آهي ۽ اها نواڻ ئي مستقبل ۾ ڳڻپ ۽ ڪٿ ۾ ايندي، جيڪا سنڌي شاعريءَ جي لاءِ انتهائي ڪارائيتي ڪرت ۽ ڪلا  ليکي ويندي، جيترو احساس، اظهار ج لهجو نئون ۽ منفرد هوندو، اوتروئي ان جي قبوليت ۾ گهڻائي ۽ گهڻ پاسائين سهمتي جنم وٺڻ لڳندي، ڪوبه ڪوتاڪار پنهنجي قديم شاعراڻي ورثي کان ڪن لاٽار ڪري پنهنجو ماڳ نٿو ماڻي سگهي، ڇاڪاڻ جو قديم شاعراڻو ورثو، سنڌي ادب جو اساس آهي. انساني زندگي، حادثن، واقعن، دردن، پيڙائبي، خوابن، ساڀيائن ٻه واٽي تي وائڙي تي بيٺل آهي. ڪنهن ڊعاجي اگهامڻ جي آسري ڪنهن درد جي درياهه ۾ ٻڏندي ترندي، ڪڏهن ڪڏهن بي وڙائي جي پڇتاءَ جو الميو ڀوڳيندي، ڪڏهن ويساهه گهاتي ٿيڻ ته لڇي ڦٿڪي پوڻ جا منظر، پڙهندڙ جي اندر ۾ اهڙن احساسن جي شدت اڀاريندڙ رهيا آهن، جو لڱ ڪانڊار جڻي لڳن ٿا، ۽ شاعراڻي ڪرت ۽ مهارت جي مَنڊَ ۾ مُنڊ جي، ماڻهو وقت جي وهڪري ۾ پاڻ کي ترندو محسوس ڪري ٿو.

شاعري ڪنهن جي لاءِ کڻي وراثت/ورثو هجي پر منهنجي خيال ۾ شاعري پنهنجي جو هر ۾ بيباڪ ۽ بي نياز، ارڏي ۽ اڏول وٿ آهي، جنهن جو ورثي سان ڪوبه واسطو نه هوندو آهي، شاعري مسلسل ڳولا جو نالو آهي، جيڪو به شاعريءَ جي ڳولا ڪندو، اهو ان جي ويجهو ٿيندو ۽ شاعريءَ جي چوڀن جو جمال پسي سگهندو، شاعري پنهنجي مزاج ۾ نهايت ئي مهربان هستيءَ جيان ورتاءُ ڪندڙ آهي، جنهن جي جيتري سيوا ڪبي آهي، اوترو ئي لاڀ پائي سگهبو آهي.

انجم قاضي جي شاعري تخليق جو نهايت ئي خوبصورت مظهر آهي، جنهن ۾ ڪيترائي نوان احساسن جا عڪس اُڀرن ٿا، جنهن کي ‘‘اوجاڳن جا عڪس’’ به چئي سگهجي ٿو.

غزل جي صنف تي آڌاريل شاعريءَ جي هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو آهي، سعبد سومري، احمد سلطان کوسي ۽ مجيد ڪٽپر جون لکڻيون، هن ڪتاب جون اهم لکڻيون آهن، جيڪي انجم قاضي ۽ سندس شاعري سان سڃاڻپ ڪرائن ٿيون، ۽ پنهنجي پاران ليکڪ جي لکڻي آهي، ۽ پبلشر جو نوٽ آهي. فرزانا شاهين، صفيه ڪنول ابڙو، صفر ڪلهوڙو، غلام حسين ڪٽپر جا ليک ۽ حبدار سولنگي جو بيڪ ٽائيٽل لکيل آهي. ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران شايع ٿيل هن ڪتاب جا 144 صفحا آهن، يعني هن ڪتاب تي قلم 144 لاڳو ڪيل آهي، جنهن جو ملهه 200  روپيا رکيو ويو آهي، آئون ڪتاب بابت پنهنجي ڪابه راءِ ڏيڻ کان بهتر ڄاڻان ٿو ته هي ڪتاب پڙهيو وڃي ۽ ان کان پوءِ ئي گڏيل راءِ جوڙي وڃي ته بهتر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف سنڌين جي احتجاج کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟:سنڌ لاءِ سوچيندڙ ۽ جاکوڙيندڙ شخصيتن کان هڪ سوال؛سروي: شاهد ميراڻي

سيد زين شاھه (سنڌ ايڪشن ڪميٽي ) ڌارين کي قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے