23 اربع , مئي 2018

ناليواري اديب پارومل پريمي سان ادبي رهاڻ:رياض عمراڻي

سول سوسائٽي ميرپورخاص ۽ ڀٽائي آرٽس ڪائونسل پاران ثقافت کاتي سنڌ ۽ پوج لوهاڻا هندو پئنچائيت جي سهڪار سان ناليواري ليکڪ ۽ اديب پارومل پريمي جي 47 هين سالگرهه ۽ ادبي رهاڻ “اجرڪ ڪلب” ڪلچرل هال ميرپورخاص ۾ منعقد ڪرائي ويئي. جنهن ۾ ناليوارن اديبن، ليکڪن، شاعرن، فنڪارن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ناليواري اداڪار ۽ ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ جي صدر رفيق عيساڻي چيو ته فنڪار، شاعر، اديب ۽ ليکڪ ملڪ جا سفير هوندا آهن جيڪي پنهنجي فن ۽ قلم ذريعي ملڪ جو نانءُ روشن ڪن ٿا. هن چيو ته پارومل پريمي گذريل 25 سالن کان قلم ذريعي فن، ادب ۽ ثقافت جي خدمت ڪئي آهي، سندس لکڻيون اسان جي ادب ۽ فن لاءِ املهه سرمايو آهن.

اديب ۽ محقق قائم سولنگي چيو ته پارومل پريمي سان گذريل 23 سالن کان قلمي ناتو آهي، پارومل پريمي وٽ ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان سندس شاهڪار لکڻيون ۽ مواد گڏ ٿيل آهي، پر هو اڄ تائين مالي وسيلا گهٽ هئڻ ڪري ان کي ڪتابي شڪل نه ڏيئي سگهيو آهي.

سول سوسائٽي جي اڳواڻ محمد بخش ڪپري چيو ته پارومل پريمي هندو پئنچائيت توڙي هندو برادري جي وڏي خدمت ڪئي آهي پر اڄ سندس تقريب ۾ ميرپورخاص جي سيٺن، هندو پئنچائيت جي اڳواڻن ۽ هندو برادري جي ماڻهن جي عدم شرڪت تي افسوس ٿيو آهي.

پ پ ڪلچرل ونگ ميرپورخاص ڊويزن جي اڳواڻ پير مزمل جان سرهندي چيو ته پارومل پريمي فن ۽ ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي ان حوالي سان سندس ڪتاب ڇپرائڻ توڙي سندس بيماري جي پرڏيهه مان سرڪاري خرچ تي علاج لاءِ حڪومت سنڌ توڙي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه سان ڳالهايو ويندو.

شاعر اياز عمراڻي چيو ته پارومل پريمي کي قلمي پورهئي سبب ميرپورخاص نه پر پوري سنڌ ۾ سڃاتو وڃي ٿو ۽ انهي آڌارتي مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا آهن.

محمد بچل وساڻ چيو ته پارومل پريمي کي سوشل ميڊيا ذريعي به وڏي مهانتا حاصل آهي سندس حڪومتي سطح تي سرپرستي ٿيڻ گهرجي.

اداڪار غلام محمد چوهاڻ چيو ته پارومل پريمي جون اسان فنڪارن کي متعارف ڪرائڻ ۽ عروج ڏيارڻ ۾ وڏيون ڪاوشون آهن سندس شوبز لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.

محمد رفيق لغاري چيو ته پارومل پريمي قلم ذريعي سنڌي ٻولي، فن ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي کيس دوستن جيڪا لفظن ۾ ڀيٽا ڏني آهي اها سندس حق آهي.

رياض عمراڻي چيو ته پارومل پريمي جون مختلف شهرن ۾ ادبي ۽ صحافتي تنظيمن پاران سالگراهون ۽ شامون منعقد ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هو ڀلوڙ ليکڪ هئڻ سان گڏ سٺو انسان ۽ يارن جو يار پڻ آهي.

تقريب کي اداڪار ناصر بونيري، امام بلوچ، پ پ سٽي جي اڳواڻي صدر محمد حنيف ميمڻ، سول سوسائٽي جي عبدالسلام آريان، پريم ڪمار راٺوڙ، رئيس احمد شاهين، صلاح الدين سمون، گهرام بلوچ، ڪانجي مل چوهاڻ  ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

جڏهن ته ڪمپيئرنگ جا فرائض ٽي وي ۽ اسٽيج جي ناليواري ڪمپيئر حسين خاصخيلي انجام ڏنا. ان کان اڳ پارومل پريمي تاڙين جي گونج ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ کيس گلن ۽ اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا. آخر ۾ محفل موسيقي پڻ ٿي جنهن ۾ امانت عليءَ، رامچند پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. تقريب ۾ سينيئر صحافي محمد اسلم مهر، محمد هاشم مهر، يوسف چوهاڻ، ماستر غلام رسول، ممتاز رند، سڪندر رند، عبدالله پيرزادو، گهنشام داس، زوهيب راجپوت پڻ شرڪت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف سنڌين جي احتجاج کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟:سنڌ لاءِ سوچيندڙ ۽ جاکوڙيندڙ شخصيتن کان هڪ سوال؛سروي: شاهد ميراڻي

سيد زين شاھه (سنڌ ايڪشن ڪميٽي ) ڌارين کي قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے