15 اربع , آگسٽ 2018

نوٽ بُڪ جا ورڪ : جاڏي پير –تاڏي خير-41: آدرش

مان اشرف علي ڪتاب ڏسي، اکيون رب رکيون، ٿڌيون ڪري، ڪُتب خاني ۾ پيل ڪرسين تي ويٺاسون. مان سگريٽ دکائي، نيري دونهين ۾ ڪا پري پيڪر ٺاهڻ لڳم مس، ته اسان جو ميزبان ۽ شاعر نويد سروش اچي ويو. هن پيار ۽ پاٻوهه مان ڀاڪر پائي، قرب جو ڪوٽ اڏي ڇڏيو. سامهون ڪرسيءَ تي ويٺو خوش خير عافيت ڪرڻ کانپوءِ هو ٻاهر هلي ويو.

مان بوتل مئون پاڻي گلاس ۾ ڪڍي پيئڻ لڳم. مان پاڻي ڍڪ ڍڪ ڪري ۽ ماني آهستي آهستي کائي، چيني ڏاهي حڪيم جي چئي تي عمل ڪندو آهيان.جنهن چيو هو ته ” پاڻي کائو، ماني پيئو.“

****

نويد سروش واپس وريو. هٿين خالي نه هو. هن جي هٿن ۾ ڊش هو. جنهن ۾ پڪوڙا ۽ چانهن هئي. اسان پڪوڙن کي وات ۾ پختو ڪندي، لفظن جا بال هڪٻئي ڏانهن اڇلائيندي، آخرت بدران هن دنيا جهان جون ڳالهيون ڪرڻ لڳاسون.

هن ٻڌايو ته، هو ڪاليج ۾ پڙهائڻ کانسواءِ، شام جو پنهنجي ڪُتب خاني ۾، ايم اي پاس ڪندڙ نوجوانن کي، في سبيل الله، ڪميشن جي امتحان جي تياري ڪرائيندو آهي. هن جي زال گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ سان گڏ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڪندي آهي. زال مڙس جي زندگيءَ جي سفر جو گاڏو صراطِ مستقيم تي هلي ٿو. هنن جي گاڏي جا ڦيٿا هڪ جيترا ۽ سنوان سڌا آهن.

مون پنهنجي ملڪ ۾ گهڻي ڀاڱي فنونِ لطيفه سان لاڳاپيل ماڻهن جي زال مڙس جا گاڏا اُبتا هلندي ڏٺا آهن. هونئن به جيڪڏهن هڪ ڦيٿو ٽريڪٽر جو ۽ ٻيو ويسپا اسڪوٽر جو هوندو ته گاڏو ڪيئن هلندو؟ حادثي جو شڪار ئي ٿي  ويندو.

***

دنيا جا شاعر، ليکڪ ۽ آرٽسٽ پنهنجي ٻي دنيا ۾ (Others’ Land) ۾ رهندا آهن. هو بي چين طبيعت جا مالڪ هوندا آهن. نڀاڳ سان هنن کي زال ڪتاب دشمن ملندي آهي ۽ زندگي اجيرن ٿي ويندي اٿن. اُهي خودڪشي ڪندا آهن يا جيئري قبر ۾ هوندا آهن.

دنيا جو مهَان ليکڪ ليوٽالسٽاءِ گهر کان اڌ رات جو وٺي ڀڳو. ريل ۾ چڙهيو. هڪ ويران اسٽيشن تي لٿو. سخت سيءَ ۾ بيمار ٿي پيو. اسٽيشن ماسٽر جي ڪوارٽر ۾ مري ويو.

هن جو گهر کان نڪرڻ جو ڪارڻ سندس گهر واري صوفيه هئي. هن جا لاڳاپا هڪ موسيقار پيانو وڄائيندڙ سان ٿيا. شريف مڙس ڏسندو رهيو. ٻڙڪ نه ٻوليو. اندر جي باهه پنن تي ڪڍي، عالي شان ڪهاڻي ”ڪريٽرز سوناٽا“ لکيائين.

***

شاعر سنگتي نظير شهزاد گڻائتو ماڻهو هو. نوڪريءَ ۾ جنهن شهر ۾ رهيو، پراوا پنهنجا ڪيائين. ڪهڙي به ڌر جو شاعر۽ ليکڪ هجي، ان کي قلمڪار جي حيثيت ۾ عزت ڏيندو هو، محبت ڪندو هو، اختلافي ڳالهين کان پري ڀڄندو هو. دريا دل هو. سڪ ۽ محبت جو مجسمو هو. سوشل سيڪيورٽي کاتي ۾ ڊسپينسر هو.

هو ڏهاڪو سال شڪارپور ۾ رهڻ کانپوءِ سکر بدلي ٿي ويو. اتي هڪ نرس جي زلفن جو اسير ٿيو. هن سان لانئون لڌائين. اها هن جي ٻين شادي هئي.

دنيا جا نفسيات دان ۽ فلسفي عورت کي سمجهي نه سگهيا. عورت اُهو سٽ آهي، جنهن کي ڪوبه سلجهائي نه ٿو سگهي. هو ڪوشش ڪندو ته به ڦاسي پوندو. ڦٿڪندو ۽ ساھُ نڪري ويندس.

نظير شهزاد معصوم ماڻهو، مائي امرت ۾ ڪوڙاڻ اوتڻ لڳس. فرئنچ چوڻي آهي ته ”زال ۽ گدري جي خبر نه پوندي آهي ته اندران ڪيئن نڪرندا.“ هن جي زال ڦڪي نڪتي. زال مڙس جو جهيڙو جهٽو، مينهن ۾ ٽمندڙ ڇت وانگر هوندو آهي.

هن زندگيءَ کي پريشان ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ مَڌُ ۾ پناهه ورتي. زندگيءَ جي ڪوڙاڻ کي ڪوڙا جام مٺو نه ڪري سگهيا. ذهني اذيتون سکر جي ڇاهٺ دروازن واري بئراج بڻجي ويون. دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنس. سُٽ کي سلجهائي نه سگهيو. وير چڙهي ويس. آمريڪن ليکڪ ارنيسٽ هيمنگوي وانگر پاڻ کي بندوق هڻي، پنهنجو انت آندائين. هو ڳوٺ الهه بخش بڙدي ضلعي خيرپور ۾ دفن آهي. شاعر جي قبر تي ڪتبو نه هوندو آهي. وڻ ڦٽل هوندو آهي.

***

زرعي يونيورسٽيءَ جي ڳالهه نڪتي ته مون کي پاڙيسري ۽ ننڍپڻ ۾ اک ٻوٽ راند کيڏندڙ دوست صغير احمد شيخ ياد پيو. ورهين کان ڪونه ڏٺو اٿم. اسان جا دلبر پنهنجي شهر ڇڏي ٿا وڃن ته ڄڻ ڇت ئي پٽي ٿا وڃن. ڪڏهن ڪو شادي يا غميءَ ۾ اچن به ٿا ته پير ڀري، ٻاهرئون هليا ٿا وڃن.

زائفن جي حوالي سان پنهنجي طبيعت نرالي آهي. انهن سان گهٽ لڳي. من ۾ مندي رکي، منهن تي ادي چوڻ ڪونه اچي. ڪنهن ادبي محفل ۾ ڪا شاعره ڏسو ته پري کان دورباش خوش باش ڪيون. ڪنهن سان لڳي ته سر ساه صدقي ڪيون. ڪچهريءَ مهل جسم تي هڪ ڌاڳو به ڪونه ڇڏيون.

***

مون نويد ميان کي چيو:” يارَ! منهنجو پراڻو سنگتي  شايد زرعي يونيورسٽيءَ ۾ ڪم ڪري ٿو. صغير احمد شيخ نالو اٿس. مهرباني ڪري ڀاڄائيءَ کان پڇي ته ڏي.“

هو ٻاهر ويو. کن پل ۾ پنهنجي گهر واريءَ کان پڇي آيو. ان ٻڌايس ته ”برابر صغير صاحب آهي ۽ ڊائريڪٽر فنانس جي عهدي تي آهي.“ هن اهو نه ٻڌايس ته ان سڻڀي ڪرسيءَ تي هو کائو ٻلو آهي يا نه؟

***

مونکي صغير احمد جو والد ڊاڪٽر بشير احمد شيخ ياد پيو، جيڪو زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وائيس چانسلر رهي چڪو آهي.

ستر جي ڏهاڪي ۾ اوطاقن جو عروج هو. هاڻي اوطاقن جي جاءِ تي دڪان ۽ باٿ رومس ٺهي ويا آهن. زوال آهي.

اسانجي پاڙي ۾ گل شاھ پير جي سامهون صغير احمد جن جي اوطاق هئي. اُتي هاڻي گهر جا ڪمرا ٺهيل آهن.

اوطاق ۾ پاڙي جا آفيسر پيا ڪچهريون ڪندا هيا. ڊاڪٽر بشير احمد شيخ ۽ سندس دلي دوست ڊاڪٽر عبدالقيوم شيخ وڏا اُڀ ڦاڙ ٽهڪ ڏينداهيا.

ڊاڪٽر بشير احمد ڪراچيءَ رهي پيو. ڊاڪٽر عبدالقيوم مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي ويو. هنن جي ٽهڪن جا آواز ڀتين ۾ پورجي ويا.

***

ڊاڪٽر عبدالقيوم شيخ شاعر به هو. قيوم ”راز“ سندس شاعراڻونالو هو. هن جو شعري مجموعو ” ريشم ڳنڍيون، پٽ جا ويڙها“ ڇپيل آهي.

قيوم ” طراز“ جو مشهور گيت: ”ڳوڙها اگهه تون پنهنجي ڳل تان، يارَ! اسان جا ڀاڳ اهي ٿي“ آهي. ڏاڍو سٺو آهي. ڪنهن نجي محفل ۾ راسپوٽين لڳندڙ ڳائڻو، ٻاڪاري ڳائيندو آهي. ڳائيندو سريلو پر شخصي طور بي سُرو آهي.

***

ڊاڪٽر عبدالقيوم شيخ راءِ بهادر اوڌو داس اسپتال شڪارپور ۾ ميڊيڪل سپرينٽنڊنٽ هو. دادوءَ بدلي ٿي ويو. جادوءَ ۾ جڪڙجي ويو. اسپتال مان، داخل ٿيل ڪاٽڪو قيدي ڀڄي ويا. ڊاڪٽر جي نوڪري تيل ٿي وئي. شڪارپور جو شيخ هو. سياڻو ڪانءُ هو. قيدين کان رٽائر ٿيڻ جي مراعتن جا هڙئي ڏوڪڙ ۽ تاحيات پينشن جي رقم هڪ منو اگاڙي ڇڏي هيائين.

***

جڏهن زرعي يونيورسٽيءَ اڃا زرعي ڪاليج هئي، ته ٽنڊو ڄام جي نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي ميمڻ برادريءَ مئون ٻن ڀائرن عبدالمنان ميمڻ ۽ عبدالسلام ميمڻ ڪاليج ۾ علمُ پرائي، سمجهه وڌائي. ميمڻ برادري هونئن به سمجهو ۽ سياڻي هوندي آهي، جو ميمڻ چريو به ٿي پئي ته گهٽيءَ مان پيل ڪم جي شيءَ پنهنجي گهر اُڇلائيندو آهي.

ٻئي ميمڻ ڀائر سرڪاري نوڪرين ۾ لڳا. اعليٰ عهدن تان عزت سان رٽائرڊ ٿيا جو هٿ صفا هين. عبدالمنان ميمڻ صاحب زندگيءَ جو ستر اسڪور ڪري ويو آهي. سينچري ٺاهيندو، جيڪڏهن ڌڻي سڳوري وچ ۾ رن آئوٽ (Run Out) نه ڪيس. هو ڪراچيءَ ۾ سمنڊ ڀرسان رهي ٿو. اخبارون ۽ رسالا پڙهي سڪون سان ڏينهن گذاري ٿو.

***

عبدالمنان ميمڻ صاحب منهنجو مهربان آهي. هر آچر تي منهنجا ”عوامي آواز“ ۾ ورق، مون کان اڳ ۾ پڙهي، فون ڪري منهنجي پٺي ٺپي، شاباس ڏئي، خوشي عطا ڪندو آهي.

هڪ آچر تي مان واڪ تان موٽيم بستري تي آهليم ته اک لڳي وئي. فون جي گهنٽي وڄڻ تي، مان ضياءُ الدين اسپتال ۾ داخل آهيان. اخبار پڙهي نه ٿو سگهان. اوهان جو صفحو، مون ڇوڪرن کي چيو ته بابا! Whatsapp ڪري موڪليو. سو هاڻي موبائيل تي پڙهيم. ڏاڍو سٺو ٿا لکو. شاباس هجيوَ.“

منهنجي نڙيءَ مان اکر نه پئي اُڪليو، اکيون آليون ڪاٺيون ٿي ويون.

***

اهڙو سڄڻ موري جو مورُ ميمڻ قمر الدين عرف قمر مورائي صاحب آهي. هو به هر آچر تي ورق پڙهي داد ڏيندو آهي. هڪ کٽ تي پيو آهي. بزرگ ماڻهو آهي. فالج اٿس. هڪ ڀيري چوڻ لڳو. : ” يارَ! تون ته روئارين به ٿو. کلائين به ٿو. الله تنهنجي قلم ۾ اڃا وڌيڪ سگهه ڏيندو. ٻيلي! ڪراچيءَ اچ، مون سان ملي وڃ. ڀاڪر پائي وڃ. مون وٽ جيڪي ڪتاب پيا آهن، جيڪي وڻئي کڻي وڃ. ائين نه ڪر. حياتيءَ تي ڀروسو ناهي. اچ يارَ! اچ.“ هن جا لفظ منهنجو اندر، آرا مشين وانگر ڪاٺ کي چيريندا ويا.

***

پاڪستان ٽيلي ويزن جي ناٽڪن ۾ ڏاڍي سٺي اداڪاري ڪري، ٽن سنڌي مائن ادي سڪينه سمون، ادي فضيلا قاضي ۽ ادي غزل صديق پاڻ مڃايو.

عبدالسلام ميمڻ صاحب جي دل ۾ غزل صديق ڄڻ شيخ اياز جو رومينٽڪ غزل لکي ورتو. هن دلبر السّلام عليڪم ڪري هن سان لانون لهي ڪنوار غزل سلام بڻائي، گهوڙي تي چاڙهي، ملڪ ڇڏرائي، ڪيناڊا وٺي وڃي، هڻي هنڌ ڪيو.

بادشاهن جي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ وانگر عبدالسلام ميمڻ پنهنجي راڻي غزل سلام ۽ شهزادي پٽ ايان سان کير کنڊ ٿي خوش ٿي زندگي گذاري ٿو.

غزل سلام ناٽڪ ”ماروي“ ۾ اڻ وسرندڙ اداڪاري ڪرڻ کانپوءِ، اڄ ڪالهه ڪيناڊا ٽيلي ويزن تان ڪڏهن ڪڏهن موسيقيءَ جي پروگرام ”غزل ڪي ساٿ“ جي ميزباني ڪندي آهي.

***

زرعي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ليکڪ صرير پنهور پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ هو. هن جي ڪمري ۾ ڪتاب ۽ ڪچهري هونديون هيون. ڪورس کان ڪوهين –ڏور هو. اخبار ”عبرت“ ۾ ڪالم لکندو هو. نه ڊگري وٺي سگهيو. نه نوڪري. هن بوهمين صرير جي سرير مان ائين ئي ساهه نڪري ويو.

ٿر جي شهري پٿوري جي شاعر مير محمد ”بادل“ هتي علم پرايو. زرعي کاتي ۾ آفيسر آهي. بادل جي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”اتفاق“ ۽ ”اختلاف“ ڇپيل آهن.

سانگهڙ جو محمد بخش مهر عرف بخشڻ مهراڻوي به هتان ڊگري ورتي، اڄڪلهه سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جو پي آر او آهي. شاعر آهي. هڪ چئنل تي ڪمپيئرنگ ڪندو آهي، جنهن ۾ ائڪٽنگ سٺي ڪندو آهي.

***

منهنجي شهر شڪارپور جي کوڙ سارن شهزادن زرعي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. شاعر اڪبر ساگر زرعي بئنڪ ۾ آفيسر ٿيو. هن جو شعري مجموعو ”ڪڍي ڪانُ ڪمان مان“ ڇپيل آهي.  حيدرآباد جي هيرَ ۾ ڏکيا سکيا ڏينهن گذاري، وڃي وڏڙن سان مليو. هن جو هڪ پڳ مٽ يار شبير سومرو حبيب بئنڪ مان رٽائرڊ ٿي وڃي اڪبر ساگر سان مليو.

نامياري ليکڪ ۽ سنڌيڪار محمد حنيف صديقي جو ڀائيٽو، ڪهاڻي ڪتاب ”پولار“ جي ڪهاڻيڪار، آمريڪا ۾ رهندڙ رعنا شفيق جو سڳو سئوٽ، ڪلاسيڪل ماڻهو دلبر دوست ساجد صديقي ڊگري سان، پنهنجي وني به ميرپورخاص مان وٺي آيو. اڄ ڪالهه هو زرعي بئنڪ ۾ وائيس پريزيڊنٽ آهي. ان ئي عهدي تان يارن جو يار نبي بخش ڀيو رٽائرڊ ٿي، زندگيءَ جا بقايا ڏينهن حيدرآباد ۾ گذاري پيو. کلڻو ملڻو فضل جوڻيجو زرعي کاتي حيدرآباد ۾ گذاري پيو. کلڻو ملڻو فضل جوڻيجو زرعي کاتي حيدرآباد ۾ آفيسر آهي. دلبر دوست ثناءُ الله سومرو ڳڙهي ياسين ۾ مئنيجر آهي.

***

منهنجي گهگهراڻي گهٽي ۾ رهندڙ سهڻو نديم مصطفيٰ سومرو، زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو. هو سچو قوم پرست هو. سنڌي شاگردن جو ڀرجهلو هو. شاگردن جي حقن لاءِ وائيس چانسلر سان مهاڏو اٽڪائيندو هو. ڊگري وٺي موٽي آيو. نوڪري لاءِ وس ڪيائين. تاجل وانگر بيوس بڻيل رهيو.

پرويز مشرف جي اتاترڪ واري ناظمي نظام ۾، اسان جي يونين ڪائونسل نمبر 7 ست جو نائب ناظم چونڊيو، چڱي خاص خدمت ڪيائين.

نديم مصطفيٰ سومرو وڏي گڻ وارو هو. گهڻي ڀاڱي پاڙي ۾ ملندو هو. موٽر سائيڪل تي ٻارن کي گهمائي ريجهائيندو هو. مون کي ڏسي. موٽر سائيڪل وٽ سان بيهاري، وڏو سمجهي، ادب سان نوڙي ملي ڪري، خير عافيت ۽ ڪم ڪار پڇي، هٿ ٻڌي روانو ٿي ويندو هو. مان هن جي مٿي تي دعائن جو رومال رکي ڇڏيندو هيم.ڌڻي سڳورو بي نياز آهي. جڏا جيئاري، مرڪندا ماري، مرڪندڙ نديم مصطفيٰ سومرو ڦوھ جوانيءَ ۾ روڊ حادثي جو شڪار ٿي شهيد ٿي ويو. گهگهراڻي گهٽي اڄ به اداس آهي.

***

سانجهي ٿي. اسان اٿياسون. نويد سورش پنهنجو شعري مجموعو ”هم نشيبي“ سڪ مان لکي ڏنو.

اسان هرسينگهه جا جاءِ تي ٿيلها کڻي، هن کان موڪلائي، بس اسٽاپ ڏانهن وڃڻ لاءِ رڪشا تي چڙهياسون. اتان هڪ ڪوچ ۾ ٿر ڏانهن سفر جو سانباهو شروع ٿيو. مون ڪوچ جي دريءَ تي آڱر سان، اشارن ۾ لکيو. ”وسي ته ٿر، نه ته بر جو برُ.“

هي به ڏسي سگهو ٿا

نانيءَ جو رتبو ۽ ٻاجهارو ڪردار

عابده گهانگهرو اڪبر جسڪاڻي جي ڪتاب “ بتين واري ناني” سندس زندگيءَ جي يا ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے