24 خميس , مئي 2018

جاپان ۾ اڄ به ’رولي فليڪس‘ ۽ ‘رولي ڪارڊ‘ مهانگي اگهه ۾ کپنديون آهن!:ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

19-سيپٽمبر 2010ع تي ٽوڪيو شهر جو سير ڪندي ماميا ڪينساڪوُ ۽ مان ’امپيريل پئليس‘ ۽ مختلف وزارتن جا دفتر ڏسندي ڀرسان ئي ’شِن جوُڪوُ‘ ريلوي لائين واري ميٽرو ٽرين ۾ اچي چڙهياسين. ان لاءِ مون کي پندرهن سئو  يَنَ واري ’ڊي پاس‘ ڪڍائڻي پيئي. اسين 12:55 بجي منجهند  جي لوڪل ٽرين ۾ چڙهياسين ۽ ڪجهه ئي منٽن  ۾ ‘Shinjuki’ اسٽيشن تي اچي لٿاسين.

ٻاهر نڪري’L-790‘ بس ۾ اچي ويٺاسين ته خبر پيئي ته  مون واري ’ڊي پاس‘ ميٽرو ٽرين سان گڏوگڏ ان بس ۾ به هلي رهي هئي. صرف ڏه-پندرهن منٽن جي سفر کانپوءِ ’شن جوُڪوُ’ ايراضيءَ ۾ ئي ’ميٽروپوليٽن گورنمينٽ بلڊنگ‘ وٽ اچي لٿاسين. هيءُ’ٽوڪيو ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن‘ لاءِ ٺاهيل پنجونجاه ماڙن تي ٺاهيل ٻن عمارتن جو ‘Twin Tower’ هئو. بيحد خوبصورت عمارتون هيون. سڀ کان وڏي ڳالهه ته مٿانهين ماڙي تي وڃي اوچائيءَ تان ٽوڪيو جا نظارا ڏسڻ لاءِ ڪابه ٽڪيٽ ڪونه هئي. صرف سيڪيورٽيءَ طرفان هرهڪ جو هينڊ بئگيج پئي چيڪ ڪيو ويو.

لفٽ تي چڙهي مٿي پنجيتاليهين منزل تي ‘Observatory Gallery’  ۾ آياسين. هڪ وڏو شاهي بند هال پر هر طرف وڏا شاهي ڪانچ لڳايل هئا؛ جن مان ٽوڪيو شهر جو پينوريمڪ نظارو پئي ڏسي سگهياسين.’شِن جوُڪوُ‘ ايريا، ٽوڪيو جي  مشهور بزنس ايراضي آهي. جيڏانهن نهار ته هرهڪ عمارت ٻين بلڊنگس کان سونهن واري ڊوڙ ۾ گوءِ کڻڻ پيئي چاهي.

’ميٽروپوليٽن گورنمينٽ بلڊنگ‘ جي چوٽيءَ تان ٽوڪيو جا خوبصورت نظارا ڏسي هيٺ لٿاسين ته ڪجهه پنڌ ڪرڻ کانپوءِ ’شن جوُڪوُ مارڪيٽ‘ واري اهم ايراضيءَ ۾ هئاسين. اُتي ئي ’شِن جوُڪوُ‘ ريلوي اسٽيشن ڀرسان هڪ گهٽيءَ ۾ ڪنهن بلڊنگ جي پنجين  ماڙي تي انڊين کاڌي واري ’سمراٽ ريسٽارنٽ‘ ۾ آياسين.

980 ين واري ٿالهيءَ ۾ پالڪ،  پنير سان گڏ هڪ وڏو تندوري ’بٽر‘نان ۽ ان سان گڏ سلاد؛ جڏهن ته ٻه سئو ين وڌيڪ ڀرڻ سان 1180 ين ۾ ٽن ڀاڄين واري ٿالهي هئي. مانيءَ  جي معاملي ۾ اهم ڳالهه ته اُتي جاپان ۾ جنهن به انڊين ريسٽارنٽ ۾ وياسين ته انهن جي تيار ٿيل سبزين ۾ هڪ عجيب وڻندڙ ٽيسٽ هئي. خبر ناهي ته اُهي هندوستاني ماڻهو اُتي  ڪهڙا مصالحا ٿا وجهن، جو ايترو سواد ته خود برصغير جي به ڪنهن ريسٽارنٽ مان ڪونه ايندو آهي. ان انڊين ريسٽارنٽ جي اسٽاف ۾ وري هڪ به ماڻهو اسان جي نسل جو ڪونه هئو. سمورو اسٽاف به جاپاني ته خود سندن گراهڪ به انهن جي ئي ملڪ جا پئي نظر آيا. مون کان سواءِ اُتي ٻيو ڪو به هندوستاني ماڻهو نظر ئي ڪو نه پئي آيو. ان جي معنيٰ ته اُهي ماڻهو پڻ سواد جي تبديليءَ جي خيال کان ڄاڻي واڻي به هندوستاني کاڌو کائڻ پسند ڪن ٿا.

اسين ماني کائي هيٺ اچي ’شِن جوُڪو‘ اسٽيشن تان ‘Keioline’ واري ميٽرو ٽرين ۾ اچي چڙهياسين. سترهن منٽن جي سفر کانپوءِ ’اکيها بارا‘ اسٽيشن تان ريلوي لائين بدلائيندي ’گرين لائين‘ ميٽرو ذريعي پندرهن منٽن جو سفر ڪندي 3:28 بجي منجهند جو ’اساڪوسا‘ ريلوي اسٽيشن تي اچي لٿاسين.

’اساڪوسا‘ اسٽيشن تان ٻاهر آياسين ته اهو به شهر جو بيحد مصروف ترين علائقو هئو. اتي ڀرسان ئي ’اساڪوُ سا مندر‘ هئو. ان مندر کي هڪ وڏو شاهي دالان ۽ ان کان به اڳ قلندر ۽ شِرڙيءَ جيان درگاه تي پهچڻ لاءِ روڊ جي ٻنهي پاسن کان دعا پنڻ ۽ پوڄا پاٺ ڪرڻ جو سامان وڪري لاءِ رکيل هئو. اُتي ته نه صرف پوڄا جو سامان، پر اُن مخصوص ٽوئرسٽ پليس  جا سووينر پڻ رکيل هئا.

اڳيان وڌندي هڪ ٻيو قديم دراوزو هئو، جنهن کانپوءِ ڪجهه ڏاڪا چڙهي مٿانهينءَ تي ٺاهيل مندر ۾ پهچڻو هئو. اسان ٻنهي مٿي وڃي سائينءَ در دعا ڪيئي! ماميا صاحب ته شنتو ۽ ٻوڌي نه هوندي به هر هڪ مندر ۾ ڪجهه نه ڪجهه پيسا به رکي رهيو هئو؛ جڏهن ته آءٌ وري هر اهڙي اسٿان تي هڪ ئي رب پاڪ کي سامهون رکندي پوري انسان ذات لاءِ دعا پنندو آهيان. پوءِ جڏهن انهن ڏينهن ۾ ڀارت واپس آيو هوس، ته روزانه ’ٽائمس آف انڊيا‘ ممبئيءَ ۾ هڪ مضمون شايع ٿيو هئو؛ جنهن مان خبر پيئي ته ٽوڪيو جي ان ’اساڪوُ سا مندر‘ ۾ گڻيش ڀڳوان جي مور تي رکيل آهي. ان مهل مون کي اهڙي ڪا خبر ئي ڪونه هئي، نه ته جيڪر وڌيڪ دلچسپيءَ سان ڏسان ها!

اُن ئي ’اساڪوُ سا مندر‘ جي ڀر ۾ هڪ نئون ’ٽوڪيو ٽاور‘ ٺهي رهيو هئو، جنهن جي تڪميل تي پهچڻ سان سياح 600 ميٽر مٿي وڃي ان اوچائيءَ تان ٽوڪيو شهر جو خوبصورت نظارو ڏسي سگهندا ۽ اُهو پوري ايشيا جو اوچي ۾ اوچو ٽاور هوندو!

اسين ’اساڪوُسا‘ اسٽيشن تان ’گنزا لائين‘ واري ميٽرو ٽرين پڪڙي ’تاوارا ماچي‘ ۽ ’اناريچو‘ ڪراس ڪندي ’يوُنو‘ اچي ٽرين بدلائي. ’يوُنو-هيروڪيجي‘ واري ٽرين ۾ چڙهي صرف ڏهن منٽن اندر ’گِنزا‘ اسٽيشن پهتاسين.

’گِنزا‘ اسٽيشن تان ٻاهر نڪتاسين، ته الائي ڪهڙي دنيا ۾ هئاسين! انتهائي خوبصورت ترين بازار! جنهن لاءِ گهڻو اڳ مون الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن ۾ پڙهيو هئو. ان ڏينهن خبر پيئي ته صحيح لطف وٺڻ لاءِ هر هڪ کي پاڻ وڃي پنهنجين اکين سان اهو ديدار ڪرڻو پوندو! هيل تائين مون نيويارڪ جي ‘42nd Street’ ۾ رات جو پوري بازار جي هڪ هڪ اوچي عمارت ٻاهران خوبصورت ترين پروجيڪشن ٿيندي ڏٺي هئي؛ پر ’گنزا اسٽريٽ‘ ۾ ته ڏينهن جو به ڇرڪ پئي نڪتا!

’گنزا اسٽريٽ‘ ۾ دوڪان ايڏو ته مهانگا هئا، جو تڏهن 2010ع دوران هڪ اسڪوائر ميٽر لاءِ ڏه ڪروڙ  يِنُ ڀرڻا هئا. اسين ان حسين و جميل بازار جي سونهن ڏسندا ڪجهه فوٽوگرافڪ شاپ تان ڪئميرائون پڇيون.هڪ عجيب ڳالهه اها نظر آئي ته ان مهل جيتوڻيڪ 120 رول فلم وارين ڪئميرائن جو دور ئي ختم ٿي چڪو هئو؛ پوءِ به انهن دوڪانن تي اڃا تائين ’رولي فليڪس‘، ’رولي ڪارڊ‘، ’ماميا‘ ۽ ’ياشيڪا‘ ڪئميرائون وڪري لاءِ رکيل هيون ۽ اگهه به ڏاڍا مهانگا پئي ٻڌايائون. ان جي معنيٰ ته جاپانين وٽ ايجادات جو ايڏو ته قدر آهي جو اُهي قيمتي شيون اُهي خريد ڪري پنهنجي گهر ۾ صرف ميوزيم طور رکندي به ايڏا اگهه ڀرڻ لاءِ تيار هوندا آهن!

ٻين اها به ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ’گنزا اسٽريٽ‘ ۾ ريئل اسٽيٽ جا ايڏا وڏا اگهه ڀريندي به دوڪانن تي هروڀرو گهڻي رش ته نظر ڪونه پئي آئي. شايد رات جي جڳمڳ ڪندڙ روشنين ۾ ڪجهه وڌيڪ رش ٿيندي هجي، پر ان مهل ته همراه اسان سان دل کولي ڳالهيون پئي ڪري سگهيا. ان کان وڌيڪ ته هتي هندوستان ۾ دهلي، بمبئي ۽ پونا جي بازارن ۾ گراهڪن جو ايڏو وڏو جهرمٽ هوندو آهي ،جو دوڪاندار گهڻي لفٽ ئي ڪونه ڏيندا آهن!

پوءِ ته اسين ‘Ginza Mitsukoshi’ علائقي مان نڪري جاپان ريلوي جي ’يوراگوُچو‘ اسٽيشن تي آياسين؛ جتان ميٽرو ۾ چڙهي صرف ٽن منٽن جو سفر ڪري ’هماماسوُچو‘ اسٽيشن تي اچي لٿاسين. ٻاهر نڪري ’ورلڊ ٽريڊ سينٽر“ جي عمارت ڪراس ڪندي ٿورو اڳيان وڌياسين ته قديم ’زوجوجي مندر‘ وٽ هئاسين.

’زوجوجي مندر‘ هڪ وسيع دائري ۾ ڦهليل هئو؛ جنهن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پڻ الائي گهڻا ته دروازا ٺاهيل هئا. اسين پنڌ ڪندا ڪندا ’زوجوجي مندر‘ کي به ڪراس ڪندي، ’ٽوڪيو ٽاور‘ تي پهتاسين. اُتي ته ابا، مٿي وڃڻ جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ سياحن جي هڪ وڏي قطار لڳايل هئي. ماميا صاحب مون کي ڪٿي ويهاري پاڻ وڃي ’ٽوڪيو ٽاور‘ جي اڌ اوچائيءَ ۾ 200 ميٽر مٿي وڃڻ جون، ٽڪيٽون وٺي آيو. ان وچ ٽاور واري ’آبزرويٽري‘ مان به هر طرف نهار ته ٽوڪيو جون بلند عمارتون بيحد بيحد خوبصورت لڳي رهيون هيون. هاڻ ته سج به لهي چڪو هئو ۽ هر هڪ عمارت پنهنجي حسين روشنين ۾ چمڪي رهي هئي. اُتي سونهن جو ايڏو ته جهرمٽ هئو جو ايتري ساري خوبصورتي ڏسندي به اسين ٿڪجي پيا هئاسين!

’ٽوڪيو ٽاور’ جي ان اڌ اوچائيءَ واري ٽڪيٽ ۾ ئي اسين ٻين منزل تي اچي لنڊن جي ’ميڊم ٽساڊ ‘ ميوزيم جيان اُتان جو ‘Wax Museum’ به ڏٺوسين. پر اُهو لنڊن کان ڏاڍو ننڍو هئو؛ ان لاءِ ڀيٽ ڪندي ڪجهه گهٽ مزو ئي اچي رهيو هئو. جيتوڻيڪ اُتي به ميوزيم ۾ گهڙڻ سان مارلن منرو ۽ قلوپطره جي ڪاسٽيوم ۾ ايلزبيٿ ٽيلر بيٺل هيون ۽ اڳيان پريزيڊنٽ جان.ايف.ڪينيڊي، چيئرمين مائوزي تنگ، ايڊيسن ۽ مهاتما گانڌي به هئا؛ پر اسين ٿڪ سبب به جلد ئي ٻاهر نڪري آياسين.

’ٽوڪيو ٽاور‘ مان ٻاهر نڪتاسين ته اُتي جاپان ۾ ٿوري ٿوري جاءِ تي شهر جا فريم ڪيل مڪمل نقشا لڳايل آهن؛ جتان ڪهڙو به ماڻهو راهنمائي وٺندي پنهنجي منزل تي پهچي سگهي ٿو. ائين نه جو دهلي ۽ ڪراچيءَ جيان ٽيڪسيءَ وارو بي گناه گهمائيندي گهمائيندي وقت جو به زيان ڪري ته هيڏو سارو بل به ڪڍي ڏئي!

ماميا صاحب ٿورو ئي پنڌ ڪندي ڀرسان ئي ‘Onaimma’ ميٽرو اسٽيشن تان ٽرين پڪڙي پنج ڇهه منٽن ۾ ‘Otamachi’ اسٽيشن تي پهچايو؛ جيڪا پڻ ’ٽوڪيو‘ ريلوي اسٽيشن جو هڪ حصو هئي. ان مهل 7:02 بجه ٿي رهيا هئا ۽ اسان کي 7:30 بجي واري نوزومي بليٽ ٽرين ذريعي اوساڪا واپس وڃڻو هئو.

اسين پنڌ ڪندا ’ٽوڪيو ٽرمينس‘ جي مين اسٽيشن تي آياسين؛ جتان پوري 7:30 بجي نوزومي-121 بُليٽ ٽرين ۾ چڙهي يوڪوهاما، ناگويا ۽ ڪيوٽو کان ٿيندا اڍائي ڪلاڪن جو سفر ڪندي 10:02 بجي ’شِن-اوساڪا‘ پهتاسين.

اوساڪا يونيورسٽيءَ جي ’ٽويوناڪا ڪيمپس‘ واري ’يونيورسٽي گيٽ هائوس‘ ۾ جتي آءٌ رهندو هوس؛ اُتي اولهه طرف ٿوري پنڌ تي ’هانڪيو ريلوي’ جي ’اِشي باشي‘ اسٽيشن هئي ته وري گيسٽ هائوس جي ڏکڻ ۾ ٿورو پنڌ ڪرڻ سان مونو ريل جي ’شيبا هارا‘ اسٽيشن هئي.

20- سيپٽمبر 2010ع تي ماميا صاحب منجهند جو 12:00 بجي ان ’شيبا هارا‘ اسٽيشن تي ملڻ جو ٽائيم رکيو هئو ته جيئن ڪجهه اوساڪا شهر جي پسگردائي گهمي سگهجي!

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف سنڌين جي احتجاج کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟:سنڌ لاءِ سوچيندڙ ۽ جاکوڙيندڙ شخصيتن کان هڪ سوال؛سروي: شاهد ميراڻي

سيد زين شاھه (سنڌ ايڪشن ڪميٽي ) ڌارين کي قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے